ڪئنالن واري مامري تي پ پ سنڌ سان بيهي، قمبر ۾ اي پي سي

قمبر (رپورٽ :محمود شيخ )قمبر ۾ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر محمد  علي خان هڪڙو جي ميزباني هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻو ايم پي اي معظم علي عباسي، جي ڊي اي اڳواڻ ايڊوڪيٽ مظفر حسين بروهي،سوشل ورڪر سهيل احمد سومرو،قاضي محسن هاري آبادگار،اي پي سي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پ پ شهيد ڀٽو،، جماعت اسلامي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ،جيئي سنڌ محاذ، جمعيت علماءِ اسلام، شيعا علماءِ ڪائونسل، ليبر ونگ شهري ايڪشن ڪاميٽي،يوٿ فورم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ طرف آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ جي چند من پسند ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ٺاهڻ جي سمري مٿان دستخط ڪري ٿو. وري ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ انهن ڪئنالن خلاف قراردادون پيش ڪرايو وڃن ٿيون سنڌ کي 91ع جي ٺاھ تحت پاڻي نه مليو هي ڪئنال ڪالا باغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ آهن جي ڊي اڳواڻ معظم علي عباسي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام سان سچي آهي ته هو وفاق ۾ حڪومت کان ڌار ٿي وڃن سنڌ جي عوام سان گڏ بيهن سنڌو درياهه مٿان هڪ به ڪئنال اڏڻ مطلب ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کي بنجر بڻائڻ آهي. جنهن سلسلي ۾ 13 فيبروري تي لاڙڪاڻي ۾ هڪ احتجاجي ريلي منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ هر مڪتب فڪر جي ماڻهن جي شرڪت اهو ثابت ڪندي ته سنڌي قوم ڪڏهن به درياهه مٿان ڪا سوديبازي ٿيڻ نه ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.