وارهه ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ايس يو پي ۽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مظاهرو

وارھه  ( ن ع آ) سنڌو درياهه مان غيرقانوني 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ايس يو پي طرفان وقار  چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احمدي تنيو پاڙي کان سنڌو درياهه بچايو شارٽ مارچ ڪيو ويو، جيڪو مختلف روڊن کان ٿيندي فاضل راهو چوڪ تي پھچي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري ويو ، مارچ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزنل اڳواڻ  ڊاڪٽر مظھر مغل،سياف جو مرڪزي چيف آرگنائيزر آفتاب احمد سنڌي، رميز راجا تنيو ،زبير کھاوڙ، آصف مگسي، جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي سيڪريٽري عبدالغفار ميرجت، پي ٽي آءِ تعلقي اڳواڻ اظھر علي اميراڻي چانڊيو، سوشل ورڪر جئڪال ڪلھوڙو، عوامي حقوق اتحاد جو اڳواڻ نياز حسين چولياڻي، ۽ ٻين سياسي سماجي ادبي، شھري سميت  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مارچ کي خطاب مقررن  چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت گڏجي سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ڪڍي ڪري سڄي سنڌ کي سڪائڻ جو منصوبو بڻايو آهي، جنهن سان سنڌ کي پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو سڄي سنڌ پاڻي بنا ڀڙڀانگ ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.