سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن پاران 13هين ڏينهن به بک هڙتال جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون پرائيويٽ ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران 13 ڏينهن کان بک هڙتال جاري آهي، ايڊوڪيٽ خليل انصاري، ديدار چانڊيو، جاويد حاجاڻو، صالح ملاح، اياز سولنگي ۽ اشفاق پهنور جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پاران بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو.مظاهرين جو چوڻ آهي ته  سنڌو درياهه تي ٺهندڙ غيرقانوني ۽ غير آئيني6 ڪينالن خلاف سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي سنڌ دشمن عمل کي روڪيو وڃي، مظاهرين چيو ته گرين انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي وفاقي حڪومت سنڌ جي زمينن کي غير آئيني طور ورهائڻ بند ڪري، اڳ ۾ ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهي،  پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب پڇڙي جا آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ سنڌ جي ڊيلٽا به تباهه ٿي وئي آهي، مظاهرين وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جي پاڻي تي صرف سنڌين حق آهي.

، سنڌو درياهه ۾ پاڻي آهي ئي نه ته 6 ڪينال ڪيئن پيا ڪڍيا وڃن؟، وفاقي حڪومت جو اهو منصوبو سنڌ کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي, ڪنهن به صورت ۾ وفاقي حڪومت جو اهيو فيصلو قبول نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.