ڪئنالن تي پ پ پٽِڪو بند ڪري واضح موقف رکي:نياز ڪالاڻي

راڻيپور (ن ع آ) جسقم شهيد بشير خان مرڪزي باڊي جو ٻيو دستوري اجلاس راڻيپور ۾ مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي  جي صدارت ھيٺ ٿيو اجلاس ۾ ڊپٽي چيف آرگنائيزرسرفراز ميمڻ ،فقير امداد منگي پنهل ساريو،نصرالله ڪلادي اڪبر مڪول شريڪ ٿيا،فيصلو ڪيو ويو ته  ڪئنالن ۽ سنڌ جون زمينون ھڙپ ڪرڻ واري سرڪاري فيصلي خلاف جدوجھد کي وڌيڪ تيز ۽ منظم ڪيو ويندو 21 فيبروري تي چوويھ ڪلاڪن جو ٻٻرلوءِ بائي  پاس تي ڌرڻو ھنيو ويندو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياء تي 6 ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي واپدا چيئرمين پڻ واضع ڪري ڇڏيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ پڻ راضي آھي باقي اهو روئڻ بند ڪري پنهنجو موقف واضع رکي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.