شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهورتي ٻڌل ٻه رڪني بئيچ ۾ ميرپور ماٿيلو جي صحافي  نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ايف آءِآر مان خارج ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيوآهي، عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار خالد احمد لنڊ ، سندس پٽن شهباز لنڊ نور محمد لنڊ جو قتل ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪجي ٿو .عدالت جي لکت واري فيصلي کان پوءِ جوابدار ، ايم اين اي خالد لنڊ ،سندس پٽن شهباز لنڊ ، نور محمد لنڊ کي 14 فيبروري تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين خالد احمد لنڊ ، شهباز لنڊ ، نور محمد لنڊ جو نالو خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪندي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي 17 فيبروري لاءِنوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن،  کان اڳ عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته جاچ آفيسر جي رپورٽ تي عدالت ايم اين اي خالد لنڊ ، سندس پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالو خارج ڪيا هئا .وڪيل چيو ته خالد لنڊ حڪومتي پارٽي جو ايم اين اي آهي پنهنجي تعلقات هلائي بااثري جي ڪري پنهنجي مرضي سان ڪيس جي جاچ ڪرائي آهي،وڪيل صلاح الدين چيو ته ڪيس جي اڳوڻي جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا جڏهن ته فريادي جي درخواست تي اي ٽي سي گهوٽڪي جي عدالت ايم اين اي  خالد لنڊ جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪيو هو .وڪيل چيو ته ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه ايس ايس پي تنوير تنيو جي جاچ رپورٽ بعد پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ، خالد احمد لنڊ ، شهباز ۽ نور محمد لنڊ جا نالا نصرالله گڏاڻي ڪيس مان خارج ڪيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.