لاهور(پ ر)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ مهانگي بجلي، آءِ پي پيز مافيا ۽ ملازمن تي ناجائز ٽيڪسن خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون. مظاهرن ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، راولپنڊي سميت پوري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو عوام جي وڏي انگ مھانگائي خلاف بينر کڻي شرڪت ڪئي،اڳواڻن چيو ته مهانگائي گهٽائڻ جون حڪومتي دعوائون سراسر ڪوڙيون آهن،