ملڪ رياض سميت چار ماڻهن جا پاسپورٽ بلاڪ واريون خبرون افواهه؟

اسلام آباد(فخر دراني) ملڪ رياض سندس پٽ ، فرح گوگي جي پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان خبرون گردش ۾ آهن،رابطي ڪرڻ تي فرح گوگي جي وڪيل ٻڌايو ته کين اهڙي ڪا سڌ نه ڏني وئي آهي،سرڪاري طور تي ته سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن.وڪيل اظهرصديق مطابق  پاڪستان حڪومت پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي اٿارٽي ناهي. اهو ڪم عدالتي حڪم تي ئي ٿي سگهي ٿو.ان مطابق اهڙو ڪو معاملو ٿيو ته اهي عدالت جو در کڙڪائيندا. سو لڳي ٿو ته حڪومت کين ڊيڄارڻ لاءِ اها چالاڪي ڪري رهي آهي. پر بلاڪ نه ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.