ميھڙ(رپورٽ:فراز چنا )سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف عوامي تحريڪ ، سنڌياڻي تحريڪ پاران ميھڙ جي ڳوٺ لونگ مهيسر کان ميهڙ تائين 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر،، ماهه نور ملاح، علي حسن وڪو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو،گلزار چانڊيو، حميد انقلابي، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ذوالفقار ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ شبير کوسو، ايڊووڪيٽ امتياز مهيسر، سڌير چانڊيو، نصير سنڌي، رستم علي سرگاڻي، آزاد امتياز سيال، احمد علي مهيسر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.مارچ قاضي عارف سميت مختلف ڳوٺن کان ٿيندو ميھڙ جي گھنٽاگھر چوڪ وٽ پھتو جتي مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين جنرل سجاد غني انڪشاف ڪيو آهي ته مراد علي شاهه جي حمايت سان سي سي آءِ نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڳواڻن چيو ته ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جو سي سي آءِ سميت ڪنھن به اداري کي اختيار ناهي. ست ڪروڙ سنڌين کي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ وارا منصوبا دهشتگردي آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ اسٽريٽجڪ ڪئنال منصوبا دهشتگرد منصوبا آهن، سنڌي قوم جي وجود تي وار ڪرڻ وارا منصوبا آهن.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڇهه نوان ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪري سنڌي قوم جي نسل ڪشي جي سازش کي ختم ڪيو وڃي.جڏھن ته پيادل مارچ جو ميھڙ جي مختلف ڳوٺن چوراھن تي شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪري کين گلن جا ھار پارايا ويا ،