ڳڙھي خيرو(ن ع آ)ڳڙهي خيرو پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نثار ڪٽوهر ۾ رات دير سان جلباڻي قبيلي جي هٿياربندن جو گھر تي حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني, فائرنگ دوران مسمات ڪلثوم ۽ سندس 4 سالن جو معصوم پٽ نويد ڪٽوهر سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته اعجاز ڪٽوهر سخت زخمي ٿي پيو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ اعجاز ڪٽوھر جي نازڪ حالت هجڻ سبب لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو،جڏھن ته ڪٽوهر برادري جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ تي جلباڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪيو آهي، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو آندو ويو،لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، جڏھن ته ڪيتري عرصي کان ڪٽوھر جلباڻي تڪرار سبب 2 ڌرين جا ھن وقت تائين 25 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.