اوٻاوڙو( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙي ۾ پوليس جي رٽ ڪمزور ٿيڻ سبب بدامني وڌي وئي اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خميسو چاچڙ ۾ انجيئوز جي سيف اسڪول تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي چڙھائي اسڪول مان ڇهين ڪلاس جو شاگرد ڏھن ورھين جو زاهد حسين چاچڙ ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ڏوھارين ھٿان مبينا طوراغوا ٿي ويو،واقعي بعد وارث پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول مان گھر کڻي ويا اسڪول اک ڇنڀ ۾ بند ٿي ويو مغوي شاگر جي وارثن ۽ سوين علائقي واسين جو بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڪمون شھيد وٽ قومي شاھراهه بند ڪري ڇڏي جنھن سبب سنڌ ۽ پنجاب کان ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون،مغوي شاگرد جي وارثن درمحمد چاچڙ ۽ ٻين چيو ته اوٻاوڙو پوليس جي رٽ ڪمزور ھجڻ ڪري بدامني وڌي وئي آھي بي حس دور ۾ اسان جي ٻارڙن کان تعليم به کسي پئي وڃي ڏوھارين جو راڄ قائم آھي چونڊيل نمائندا پوليس جي ڪنن تي جون به نه ٿي چري جڏهن ته ٻن ڪلاڪن تائين قومي شاھراه بند ٿيڻ بعد ڪموشھيد چوڪي انچارج شاھدحسين جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو
-
غوثپور:ٻن مغوي پورهيتن جي وارثن کان ٻه ڪروڙ ڀُنگ طلب
غوثپور (رپورٽ :عبدالجبار اوڳاھي)غوثپور ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تان جمال ٿاڻي جي حد جي علائقي مان ٻھ ھفتا اڳ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل غوثپور واسي ضمير ميراڻي ۽ سندس دوست شڪارپور واسي محمدعلي سنجراڻي کي ڪشمور پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي، ٻنھي پورھيتن جي وارثن کان ڏوھارين ھڪ ھڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪري ورتي آھي، رابطي ڪرڻ تي ڳوٺ جي چڱي مڙس تپيدار غلام حيدر ميراڻي ٻڌايو ته ضمير ميراڻي ۽ سندس دوست جا بازيابي لاءِ ٻھ ڀيرا ايس ايس پي ڪشمور سان ملي آيا آھيون رڳو سکڻا دلاسا ڏيئي واپس ڪرايو وڃي ٿو، اسان جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، ٻئي چانورن جي مل تي منشي طور ڪم ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪندا آھن اھي غريب ايتري ڀنگ ڪٿان ڏيندا.