چوٽياريون سانحي جا مقتول مٽي ماءُ حوالي، جنازي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت

سانگهڙ (رپورٽ:محمد حسين بلوچ) سانگهڙ ۾ ٽن مقتولن جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. سانگهڙ لڳ چوٽياريون سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن   ضلعي انتظاميه  ۽ پوليس  سان ڳالھين  کان پوءِ  گذريل رات دير سان لڳل   ڌرڻو پنجين ڏينهن  لڙڪن ۽ سڏڪن سان ختم ڪري ڇڏيو. ٽن مقتولن جا مڙه گهر پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو. مقتولن  جي جنازي نماز  سندن ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازي ۾  پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر علي حسن هنگورجو، پ پ ٽڪيٽ هولڊر نويد ڏيرو، ميونپسل ڪميٽي چئيرمن راشد اسلام، شازيا عطا مري جي فرزند اسام مري سميت سياسي سماجي  اڳوڻن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين سميت هزارين ماڻهن شرڪت  ڪئي. جنازي نماز بعد مقتولن  جا مڙه هزارين الين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيا ويا  ،سانگهڙ ۾  رات دير سان   پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر علي هنگورجو  ڌرڻي واري  هنڌ پهچي  پريس ڪانفر ڪندي چيو آهي  ته  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي ڪيس داخل ٿيو آهي، ڪيس ۾  29 ڄڻن تي دهشتگردي ايڪٽ لڳيا ويا آهن ۽  10 اڻ ڄاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي FIR  فريادي فداحسين جوڻيجو جي فرياد تي وڏيرو عطاالله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، اسد جوڻيجو،امام الدين ملاح، اڀايو راڄ، خميسو راڄڙ، بابو ڪيري،ايس ايڇ او چوٽياريون غلام محمد سهتو، جانو لانڊر سميت 29 ڄڻن تي 302.324 ، اي ٽي سي جاقلم لڳايا ويا آهن. پيپلز پارٽي ضلعي صدر علي حسن هنگورجو پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي سوالن جا جواب ڏيندي چيو  واقعي واري ڏينهن ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو اسلام آباد هو، تنهن ڪري هن جو نالو ايف آئي آر ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ايف آئي آر شهيد جي وارثن جي مرضي مطابق ٿي آهي. سانگهڙ قتل ڪيس جو مک جوابدار عطاء الله جوڻيجو ۽ ايس ايڇ او چوٽياريون جو نالو ايف آءِ آر ۾  درج  ٿيڻ  بعد ھو فرار ٿي ويا . هوڏانهن ضلعي ۾ قتل ٿيل ٽن بيگناھ سنڌين جي قتل جي ايف آئي آر داخل نه ٿيڻ عدالتي نظام لاءِ سواليه نشان آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ سنڌ پنھنجي رٽ قائم ڪرڻ م مڪمل ناڪام ٿي چڪيون آهن. سنڌ پوليس اسٽيٽ م تبديل ٿي چڪي آهي. سنڌي ماڻھو ايف آئي آر جهڙي بنيادي قانوني حق کان به محروم بڻايا ويا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن. مطالبو ڪندي چيو آهي ته سانگهڙ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. گڏوگڏ ايف آئي آر جهڙي قانوني حق کان محروم ڪندڙ آئي جي سنڌ پوليس سميت سمورن آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري کين هٽايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.