ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ايس اءِ اي ايڇ سي جي عورت آپريٽر روشان لغاري فون تي رهنمائي ڪندي ڪامياب ويم ڪرايو ۽ انٽرنيشنل اڪيڊمي آف ايمرجنسي ڊسپيچ ايوارڊ جي حقدار بڻجي وئي. سنڌ انٽيگريٽڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز ايمبولينس سروسز کي روزانو ڪيتريون ئي فونون اينديون آهن. 22 سالن جي ريسڪيو سروس آپريٽر روشان لغاري کي سيپٽمبر 2024 ۾ آيل هڪ ڪال تي ايوارڊ مليو. هن ٻڌايو ته هڪ عورت جي پاڙيسري عورت فون تي ٻڌايو ته ويم جو عمل جاري آهي، جنهن تي مان کيس هر ممڪن طور تي رهنمائي ڪئي، فون اڌ ڪلاڪ جاري رهي، پوءِ هن صحتمند ٻارڙي کي جنم ڏنو. اداري جي سربراهه چيو ته ايمبولينس ۾ به ويم جي سهولت هوندي آهي. بحرين ۾ عالمي تنظيم جي تقريب ۾ ريسڪيو 1122 جي آپريٽر کي ايوارڊ ڏنو ويو. ر