ٽول پلازا سڄي سنڌ ۾ آهن،ڪٿي به قائم ٿي سگهن ٿا:اعجاز جکراڻي

جيڪب آباد (ڊ ر) ڪميونيڪيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي چيو آهي ته حڪومت  کي گهرجي ها ته پيڪا آرڊيننس کان اڳ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ها پر هنن ائين نه ڪيو جيڪب آباد جي ڊي سي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، سانگهڙ ۾ جيڪي 3 قتل ٿيا آهن ان ۾ ايم اين اي ملوث آهي يا نه ان بابت مون کي تفصيلي معلومات ناهي باقي پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي تي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو لڳي، اڳ به ٿل ڪئنال ۽ فلڊ ڪئنال تعمير ڪيا ويا ڇا اهي صرف ٻوڏ يا واڌو پاڻي هجڻ جي صورت ۾ هلن پيا.؟ هن چيو ته ٽول پلازا صرف جيڪب آباد نه پر سموري سنڌ ۾ آهن ٽول پلازا نيشنل هاءِ وي جي پاليسي آهي، ٽول پلازا 35 کان 70 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪنهن به جڳهه قائم ٿي سگهي ٿو  باقي اهو ضرور چوندس ته مقامي ماڻهن کان ٽيڪس نه اوڳاڙيو وڃي انهن کي ٽوڪن جاري ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.