ميرپورخاص/ عمرڪوٽ / پٿورو (نمائندا) شادي پلي ويجهو ميرپورخاص عمرڪوٽ سنگل روڊ تي بلوچ آباد پوليس چيڪ پوسٽ وٽ وچ روڊ تي ڊرم رکي ڪئبن ۽ لڪڙا لڳائي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا، سوين ماڻهن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ميرپورخاص عمرڪوٽ سنگل روڊ تي اين ايڇ اي پاران ٽول پلازه قائم ڪري ٽول ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ خلاف جي نالي سان ٽيڪس وصولي خلاف ميرپورخاص، عمرڪوٽ، شادي پلي، پٿورو، غلام نبي شاھه، راجا رستي، گرهوڙشريف ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي سوين رهواسين شادي پلي موڙ کان ريلي ڪڍي ٻريجي موري وٽ ڌرڻو هنيو، مطاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جڏهن ته غنڊا ٽيڪس نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعره هنيا ويا، ڌرڻي سبب ميرپورخاص عمرڪوٽ مُک روڊ بند ٿي ويو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ميرمنظور بلوچ، واجد لغاري، محمد خان مري، وڪيل مير محمد نهڙي، وڪيل جان محمد، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ٻين چيو ته ميرپورخاص عمرڪوٽ سنگل روڊ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران غنڊه ٽيڪس وصول ڪرڻ کي ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جو عوام رد ڪري ٿو، هن روڊ کي لڳ ڀڳ ٽي مهينا اڳ انتهائي ناقص مٽيرل سان تعمير ڪيو ويو جيڪو هڪ مهيني اندر مختلف هنڌن کان اکڙي چڪو آهي ۽ ان تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران چتيون لڳرايون ويون آهن، تباهه حال روڊ تي ٽول ٽيڪس لڳائڻ غيرقانوني آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ هن جھڙي تباهه حال روڊ جيڪو حادثن جو سبب بڻيل آهي، اهڙي روڊ تي ٽول ٽيڪس نه ٿو اوڳاڙيو وڃي، ملڪ اندر به جتي جتي ٽول ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي ٿو انهن روڊن جي حالت بهتر آهي، پر هي روڊ ته عوام لاءِ اڳ ئي قاتل روڊ بڻيل آهي، ناقص مٽيريل سان تعمير ٿيل هن روڊ جي ڪري اسان جي ڪُلها پنهنجن جا لاش کڻي ٿڪجي پيا آهن، مٿان وري غنڊه ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪرڻي آهي ته قانون موجب اوڳاڙي کان اڳ عوام کي سفر جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ روڊ کي ڊيول ڪيريج روڊ طور تعمير ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، 10 ڪلاڪن بعد اين ايڇ اي جي ڪاموري مختيارڪار پٿورو علي شير سميجو، انچارج سي آءِ اي خليل ڪنڀر سان گڏجي ڌرڻي ۾ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو، ڳالھين جو ٻيو دور ڊپٽي ڪمشنر وٽ ٿيندو ، ڌرڻو ڪاميٽي جا اڳواڻ اڄ 3 وڳي ڊي سي آفيس پهچي گڏجاڻي ڪندا، ان حوالي سان مير منظور بلوچ صحافين کي ٻڌايو ته اين ايڇ اي جي ڪاموري سان ڳالهيون ٿيون آهن جنهن سان وڌيڪ ڳالهيون جاري رهنديون ۽ ڪنهن ٺاهه تي پهچڻ تائين ٽيڪس جي اوڳاڙي بند رهندي جيڪڏهن اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.
-
جيڪب آباد ۾ غيرقانوني ٽول پلازا خلاف ٽئين ڏينهن به مظاهرا،بک هڙتال
جيڪب آباد(ڊ ر)جيڪب آباد ٻاھران غير قانوني ٽول پلازا جي تعمير خلاف شھري اتحاد جيڪب آباد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ديني واپاري تنظيمن پاران جيڪب آباد ٻاھران غير قانوني ٽول پلازا جي تعمير خلاف جدا جدا مظاھرا ڪڍي ٻيڙي چوڪ وٽ بک ھڙتالي ڪئمپ تي پھتا جتي شھري اتحاد جي صدر محمد ياسر ابڙو ،جي يو آءِ جي ڊاڪٽر اي جي انصاري،چيمبرس جي احمد علي بروهي، وحدت المسلمين جي علامه مقصود علي ڊومڪي، مزدور شهري اتحاد جي حاجي غلام نبي رند، پ پ شھيد ڀٽو جي نديم قريشي.،سنڌ دوست ڪاميٽي جي محمد عالم کوسو، مھراڻ فورم جي ايڊووڪيٽ عبدالحي سومرو سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين ٻيڙي چوڪ وٽ 2 ڪلاڪ بک ھڙتال ڪئي بک ھڙتال بعد شھر ۾ پيادل مارچ ڪندي اين ايڇ اي جو ڏاڍ نامنظور ٽول پلازا نامنظور جا نعرا ھنيا.
-
ٽول پلازا سڄي سنڌ ۾ آهن،ڪٿي به قائم ٿي سگهن ٿا:اعجاز جکراڻي
جيڪب آباد (ڊ ر) ڪميونيڪيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي چيو آهي ته حڪومت کي گهرجي ها ته پيڪا آرڊيننس کان اڳ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ها پر هنن ائين نه ڪيو جيڪب آباد جي ڊي سي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، سانگهڙ ۾ جيڪي 3 قتل ٿيا آهن ان ۾ ايم اين اي ملوث آهي يا نه ان بابت مون کي تفصيلي معلومات ناهي باقي پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي تي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو لڳي، اڳ به ٿل ڪئنال ۽ فلڊ ڪئنال تعمير ڪيا ويا ڇا اهي صرف ٻوڏ يا واڌو پاڻي هجڻ جي صورت ۾ هلن پيا.؟ هن چيو ته ٽول پلازا صرف جيڪب آباد نه پر سموري سنڌ ۾ آهن ٽول پلازا نيشنل هاءِ وي جي پاليسي آهي، ٽول پلازا 35 کان 70 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪنهن به جڳهه قائم ٿي سگهي ٿو باقي اهو ضرور چوندس ته مقامي ماڻهن کان ٽيڪس نه اوڳاڙيو وڃي انهن کي ٽوڪن جاري ڪيو وڃي