حيدرآباد(رپورٽر)مختلف قوم پرست جماعتن،سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ بدامني خلاف حيدرآباد ۾ 5 فيبروري تي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه قاسم آباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ھيٺ مختلف قومپرست جماعتن جو گڏيل اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم شھيد بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ امداد پنهور، شوڪت سريوال، پنهل ساريو، محراب کوسو، ماجد ڀٽو ۽ اڪبر چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن امان جي خراب صورتحال ۽ بدامني خلاف 5 فيبروري اربع جي ڏينهن تي هڪ وڳي شهباز بلڊنگ کان مارچ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي قومي مفادن سنڌو درياهه، زمينن، معدني وسيلن ۽ سياحتي ماڳن جي نيلامي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هٿ وٺي امن امان جي صورتحال خراب ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت امن برقرار رکڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جنھن ڪري عوام کي انصاف ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت نفس سلامت نه رهيو آهي. هنن چيو ته رينجرز ۽ پوليس تي ساليانو کربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود امن امان نه ٿي سگهيو آهي. ڏوهارين جي سرپرستي سرڪاري طور تي ڪئي پئي وڃي. عام ماڻهن جي ملڪيتن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. جنهن عمل جي مذمت ڪجي ٿي. اسان قبضاگيري ۽ ڏاڍ جي خلاف آهيون. هنن چيو ته چوٽياري واقعي جي متاثرن ۽ مقتولن جي وارثن سان گڏ آهيون. صدين کان ويٺل ماڻهن کي ڳوٺن ۽ زمينن تان زوري لڏايو پيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته نئون ديرو ۾ قتل ڪيل واپاري سنتوش ڪمار ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ماريل مڇي جي واپاري نظير ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. ڏوهاري ٽولن کي لغام ڏئي امن امان بحال ڪرايو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن رحيم بخش کوسو ۽ مجيد سيال سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ بدامني خلاف گڏيل احتجاج جي ڏنل سڏ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.