سکر(رپورٽر) سکر پاڪستان سني تحريڪ ضلعي سکر جي مرڪزي نائب صدر حافظ محبوب علي سهتو جي اڳواڻي ۾ سکر ۾ جاري بدامني، لاقانونيت، قتل ۽ اغوا واقعن خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ مرڪزي نائب صدر حافظ محبوب علي سهتو، ميان امان الله، انور ڪمال بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سکر ۾ بدامني ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن، امجد شيخ جي بدلي کانپوءِ امن امان جي اها خراب صورتحال پيدا ٿي آهي،هن جيڪڏهن قدم نه کنيا ويا ته آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي گهنٽا گهر ڌرڻو هنيو ويندو.
-
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي:صفدر عباسي
لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو آهي ته هن وقت سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي ۽ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، سانگهڙسانحو هجي يا نئون ديرو هندو واپاري سنتوش ڪمار جي قتل وارو واقعو هجي، ڪو به شهري هن وقت پاڻ کي محفوظ نه پيو سمجهي هن چيو ته سانگهڙ سانحي ۾ 3 لاش 3 ڏينهن تائين روڊ تي پيل رهيا جتي ايتري بي شرمي اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به نه ڏٺي. سنڌ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦرلٽ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، سنڌ ۾ گذريل 17 سالن کان مسلسل پيپلز پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي پر ڌاڙيل راڄ ۽ ڏوهاري ماڻهن تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي
-
سنتوش ڪمار جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي:هندو پنچائت
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پوج هندو پنچائت جي ايگزيڪيوٽو باڊي ۽ مکين جي هنگامي گڏجاڻي شهر جي هندو ڌرم شالا ۾ چيئرمين هريش لعل جي صدارت هيٺ ٿي ٿي گذري جنهن ۾ اڳواڻن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ نئون ديرو ۾ نوجوان هندو واپاري سنتوش ڪمار کي بي رحماڻي قتل ڪري سندس دڪان مان ڌاڙو هڻڻ واري عمل جي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر،وڏي وزير، ايم پي اي فريال ٽالپر، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سنتوش ڪمار جي بي رحماڻي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ سڄي سنڌ ۾ بدامني جو نوٽيس ورتو وڃي. گڏجاڻيءَ ۾ مکي نول راءِ، سيٺ سنتوش ڪمار، سنيل ڪمار، مکي تارا چند، جئي راج، نانڪ رام، ڊاڪٽر ولي رام، جئي ڪمار چاولا، ڪيلاش ڪمار ۽ رميش لال سميت هندو برادري جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.