نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس مان خالد لنڊ ۽ پٽن جا نالا ڪڍڻ وارو فيصلو معطل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عوامي آواز ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪرڻ  خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خالد احمد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا قتل ڪيس مان خارج ڪرڻ جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي 17 فيبروري جا نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو. درخواست گذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر جي رپورٽ تي جوابدارن جا نالا خارج ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اڳوڻي جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا هئا. فريادي جي درخواست تي اي ٽي سي گهوٽڪي جي عدالت ايم اين اي خالد لنڊ جو نالو به شامل ڪيو هو، پر بعد ۾ جاچ رپورٽ جي بنياد تي جوابدارن کي ڪيس مان ڪڍيو ويو. وڪيل چيو ته خالد لنڊ حڪومتي پارٽي جو ايم اين اي آهي ان پنهنجي مرضي سان ڪيس جاچ ڪرائي آهي. وڪيل چيو ته ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه ايس ايس پي تنوير تنيو جي جاچ رپورٽ بعد پيپلزپارٽي جي ايم اين اي، خالد احمد لنڊ، شهباز ۽ نور محمد لنڊ جا نالا نصرالله گڏاڻي ڪيس مان خارج ڪيا هئا. وڪيل جو چوڻ هو عدالت جاري ڪرڻ کان پوءِ جج عبدالقدوس ميمڻ جي بدلي ڪئي وئي . جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي ريمارڪس ۾ واضح ڪيو ته جج جي بدلي هڪ عدالتي طريقيڪار آهي ۽ ان جو هن ڪيس سان ڪو تعلق ناهي.  ياد رهي ته 21 مئي 2024 تي ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن صحافي نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪيو هو، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو ۽ بعد ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏنائين. ڪيس ۾ جوابدار اصغر لنڊ گرفتار آهي، عبدالله لنڊ ضمانت تي آزاد آهي، جڏهن ته برڪت لنڊ روپوش آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.