نئين ديري ۾ واپاري سنتوش ڪمار جي قتل واقعي خلاف هڙتال،ڪاوڙ جي لهر

نئون ديرو(رپورٽ :محمد علي جروار) نئون ديرو شهر جي مصروف شاهي بازار جي نم چوڪ تي ڪرياني جي دوڪان تي بيدريءَ سان قتل ڪيل واپاري سنتوش ڪمار جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. مقتول  جي وصعيت موجب اگني سنسڪار ڪرڻ بجاءِ نئون ديرو ڀرسان درگاھ پير جان محمد جي پيرانديءَ واري پاسي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد اجتماعي دعا گهري لنگر تقسيم ڪيو ويو. مقتول هندو واپاري جي آخري رسمن دوران هر اک آلي نظر آئي. آخري رسمن ۾ پيپلزپارٽي،پ پ شهيد ڀٽو، ايڪشن ڪاميٽي،جي يو آءِ، جماعت اسلامي،ادبي تنظيمن سميت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري،ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين غلام حيدر ناريجو،نئون ديرو ميونسپل چيئرمين حاجي عبدالخالق ڀٽو،محمد انور ٻرڙو،انجنيئر جاويد ڀٽو، سليم چنو، منظور منگي، نزاڪت جوڻيجو سميت هندو برادري ۽ شهر جي مختلف مڪتب فڪر جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هندو واپاري جي قتل جي سوڳ ۾ شهر جي شاهي بازار، ريشم گلي، صرافه بازار، ڪپڙا بازار، ڪريانا مرچنٽ سميت شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز پاڻ مرادو بند ڪيا ويا،ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي طرفان ايس پي هيڊ ڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ جي نگراني ۾ جوڙيل جاچ ٽيم 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هندو واپاري جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ڪي جوابدار گرفتار ڪري سگهيا آهن. پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪري تفصيلن تائين محدود رهي، هن وقت تائين ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. مقتول واپاري جي نياڻي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آستا ڪماري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پيءُ کي قاتل بيگناهه قتل ڪري ويا آهن منهنجو پيءُ فقيراڻي طبعيت جو ماڻهو هو،ظالم مون نياڻيءَ کي يتيم ڪري مون سان ظلم ڪري ويا آهن هن چيو ته مون کي پوليس مٿان ڪو به ڀروسو ناهي،مقتول جي ڀيڻ مونيڪا ڪماري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ڪٿي به نظر نه آئي،اسان حڪومت کي ڇا ٿا ڪري سگهو، اسان جي ڌڻيءَ کان سواءِ ڪنهن ۾ به اميد ناهي. هن دور ۾ ڀاءُ ڀاءُ جو ناهي ته پنچائت اسان لاءِ ڇا ڪندي؟ هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ديرو نثار بروهي ٻڌايو ته هندو واپاري جي قتل واري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، مقتول جي موبائيل آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي ڏني آهي اهي جائزو وٺي رهيا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،هوڏانهن  شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حيدر ناريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نئون ديرو جو امن امان خراب ٿي ويو آهي،هي قتل آهي هن کي ڪارنهن جو رنگ ڏيڻ انتهائي غلط آهي شهر جي هندو واپارين کي ڀتي لاءِ چٺيون ملنديون رهنديون آهن هوڏانهن ايڪشن ڪاميٽي نئون ديرو پاران سڀاڻي (اڄ) جمعي ڏينهن 3 وڳي ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو ۾ اجلاس سڏايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.