پاڪستان ۽ ڀارت جي روايتي دشمني وارا لاڳاپا جيتوڻيڪ نوان ناهن پر دشمني وارن لاڳاپن باوجود پاڪستان ۽ ڀارت جي ملڪن وچ ۾ حڪومتي سطح تي ۽ سياسي ثقافتي، واپاري فني ۽ راندين وارا لاڳاپا قائم هوندا هيا، ٻنهي ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ جون سرحدون کليل هونديون هيون پر جيئن جيئن ڀارت جي انتهاپسند اقتداري جماعت بي جي پي کي لڳاتار حڪومتون، ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي تيئن تيئن پاڪستان جي حوالي سان سندس پاليسيون به انتهاپسند ٿينديون ٿيون وڃن ۽ هاڻي پاڪستان سان ڀارت هر قسم جا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي اها انتهاپسندي ڪرڪيٽ تائين به پهچي وئي آهي پر حد اها آهي ته اها انتهاپسندي آءِ سي سي جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ تائين به پهچي وئي آهي.
فيبروري ۾ ڪرڪيٽ چيمپينز ٽرافي جيڪا پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي ۽ جيڪا ٽورنامينٽ آءِ سي سي ڪرائي رهي آهي تنهن ۾ پڻ ڀارت انتهاپسندي جو رنگ اوتي ڇڏيو آهي جو دنيا جون سڀ ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ وڃي رهيون آهن پر هڪ ڀارتي ٽيم آهي جيڪا سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي اصل ۾ سياسي بنيادن تي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان کان موڪلڻ تي انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ جون پنهنجون ميچون دبئي ۾ کيڏيندي. پر ڀارت جي اها انتهاپسندي اتي ئي دنگ نه ٿي ڪري پر هاڻي اهي به رپورٽون اچڻ لڳيون آهن ته چيمپينز ٽرافي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ به ڀارتي ڪپتان روهت شرما پاڪستان نه ايندو.
ڀارت جي انتهاپسند جماعت بي جي پي ۽ انتهاپسند وزير اعظم نريندر موديءَ جي اها انتهاپسندي ملڪي سطح تائين ته هلي سگهي ٿي پر ان کي ڪرڪيٽ جي عالمي ٽورنامينٽ تائين ڪيئن وڌائڻ ڏبي ۽ حيرت آهي ته آءِ سي سي ان انتهاپسندي کي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪيئن ٿي اچڻ ڏي ان حوالي سان وري اها به بدقسمتي آهي ته آءِ سي سي ۾ ڀارت جو اثر رسوخ به گهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته مالي اسپانسر ۾ ڀارت آءِ سي سي يعني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل لاءِ ”ڪمائو پٽ“ جي اهميت رکي ٿو تنهن ڪري آءِ سي سي به ڀارت جي خلا ف ڪو فيصلو نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ ان جو وڏو مالي مفاد سلهاڙيل آهي پر سڀ ڪجهه ناڻو ۽ انفرادي مفاد ته ناهي هوندو يا نه هئڻ گهرجي آخر آئين، قانون، اصول ۽ اخلاق به ڪا شئي هوندي آهي. غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڪم توڙي تعصب ۽ نفرت وارا عمل عام ماڻهو ته ڪري سگهن ٿا پر ملڪ ۽ ادارا ڪيئن ٿا ڪري سگهن. اختلاف ۽ تڪرار به پنهنجي جاءِ تي پر ايڏي نفرت ڪيئن ڪجي ۽ ان نفرت کي ايڏو ڪيئن وڌائبو؟
ان تي نه رڳو آءِ سي سي پر سڄي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڀارت کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. ڀارت کان اهڙو پڇاڻو ته ڀارت جي اسٽيبلشمينٽ، اتان جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، فنون لطيفه جي تنظيمن کي به ڪرڻ گهرجي ته بي جي پي ۽ وزيراعظم نريندر مودي ڀارت جي ساک ۽ عزت کي ڇو خراب ۽ بدنام ڪري رهيو آهي ۽ ڀارت تي ڇو جڳ کلائي رهيو آهي. اسان کي پڪ آهي ته ڀارتي عوام ۽ ڀارت جون ٻيون سياسي جماعتون به بي جي پي جي انتهاپسند پاليسين جي خلاف آهن، ڀارتي عوام کي به اها نه وڻندي هوندي اهو ٻنهي ملڪن جي هر قسم جي لاڳاپن جي بحالي ۽ زميني سرحدون کولڻ جو حامي آهي ته پوءِ به جيڪڏهن ڀارتي حڪومت عوام جي خواهش جي برخلاف هجي ته ڇا ان کي جمهوري حڪومت چئي سگهجي ٿو؟
آءِ سي سي جي ڪرڪيٽ دنيا ۾ به اهو ڪيڏو نه خراب تاثر ويندو ته ڀارت جو ملڪ ايڏو انتهاپسند آهي جو اهو پاڪستان ڏانهن پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم به نه ٿو موڪلي ۽ اهو ڪيڏو نه عجيب لڳندو جيڪڏهن پاڪستان ۾ افتتاحي تقريب ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان به شريڪ نه ٿي سگهي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته چيمپينز ٽرافي کان اڳ ڀارت کان سواءِ ڪرڪيٽ جي باقي سڀني راندين جي ٽيمن کي پاڪستان موڪليندو هو پر چيمپينز ٽرافي ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم نه موڪلڻ تي مٿس تنقيد ٿي ته جيڪڏهن ٻين راندين جون ٽيمون پاڪستان موڪلي سگهجن ٿيون ته رڳو ڪرڪيٽ ٽيم تي ئي پابندي ڇو آهي. ان تنقيد جي جواب ۾ پوءِ ڀارتي وزير اعظم اهو ڪيو جو ٻين راندين جي ٽيمن کي به پاڪستان موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. معنيٰ ته انتهاپسندي جون پالسيون وڌنديون ئي وڃن ٿيون جن کي هاڻي وقت اچي ويو آهي سختي سان روڪجي ڇاڪاڻ ته ڪشمير يا ٻين تڪراري ۽ اختلافي معاملن باوجود ماضيءَ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر هيا، هڪٻئي جي ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ جو سلسلو هوندو هو. بي جي پي جي پهرين حڪومت ۾ به اهي لاڳاپا قائم هيا پر جيئن جيئن بي جي پي چونڊن ۾ لاڳيتو کٽي رهي آهي ۽ حڪومتون ماڻي رهي آهي تيئن تيئن ان جون انتهاپسند پاليسيون وڌي رهيون آهن جن سان هاڻي ڪرڪيٽ جي دنيا به متاثر ٿي رهي آهي. سو هاڻي ڀارت کي اهي انتهاپسند ۽کل جوڳيون پاليسيون ختم ڪرڻيون پونديون.