مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ضلعي صدر وڪيل ديال صحرائي، وڪيل ديوتراءِ، موھن ميگھواڙ، ڪلتار ميگھواڙ، ھريان ڪولھي، کينراج ڪولھي، پياسي ميگھواڙ، عالم پاتاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ننگرپارڪر ۾ روپلو ڪولھي جي جي يادگار کان احتجاجي ريلي ڪڍي مسڪين جھان خان کوسو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي ھاري تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ سميت شھرين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري ڪارونجھر جي ڪٽائي بند ڪريو، سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش بند ڪريو، زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ بند ڪريو، ڌرتي ڌڻين کي بي دخلڪرڻ بند ڪريو جا زوردار نعرا ھنيا ويا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وڪيل وسند ٿري چيو ته ايس آئي ايف سي تحت ملڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي ايس آئي ايف سي ذريعي ڪارونجھر جي 36 هزار ايڪڙ زمين ڪمپني حوالي ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام ڪارونجھر تي ڪمپنين جي قبضي کي برداشت نه ڪندو. پيپلز پارٽي سرڪار پهرئين ڏينهن کان ڪارونجهر جي ڪٽائي جي سازش ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي ان سنڌ دشمن سازش کي ناڪام بڻائيندو، وسند ٿري چيو ته عمرڪوٽ جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن،
هن چيو ته ڪمپنيءَ کي ڏنل زمينن جي الاٽمينٽ فوري طور رد ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن ۽ گورک ۽ ڪارونجھر سميت سمورن تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن ۽ مڪانن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي جي سازش ڪندڙ ملڪ دشمن عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،
ڪارونجھر سنڌ جي هزارا سالا تهذيب جو اهڃاڻ آهي، ڪارونجھر جي ڪٽائي سنڌ جي هزارا سالا تهذيب ۽ ثقافت تي حملو آهي.