دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پيرمظهرالحق ۽ پ پ پ اڳواڻ مقامي آبادگار سيد گل محمد شاهه پاران هڪٻئي خلاف داخل درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، دادو ڀرسان پيرشاخ واري علائقي ۾ سرڪاري وڻن جي واڍي واري مامري تي پ پ پ جي سينيئر اڳوڻي صوبائي وزير پيرمظهرالحق پاران عدالت ۾ داخل ڪيل 22 اي بي جي درخواست ۽ سندس مخالفت ۾ مقامي آبادگار ۽ پ پ پ اڳواڻ سيد گل محمد شاهه جي پاران پڻ 22 اي بي جي درخواست داخل ٿيل هئي ٻنهي درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو درخواستگذار ٻنهي ڄڻن کي اڄ پنهنجي عدالت ۾ طلب ڪيو هو، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي دادو ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي پيش نه ٿي سگهيو، جڏهن ته فاريسٽ آفيسر مختيار علي ملاح ۽ ڊي ايس پي سٽي دادو محمد صادق اوڍو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ايس ايس پي جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڊي ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو ايس ايس پي ڪاٿي آهي جنهن تي ڊي ايس پي عدالت کي ٻڌايو ته ايس ايس پي هاءِ ڪورٽ حاضري تي ويل آهي، ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پاران پيرمظهرالحق ۽ مقامي آبادگار سيد گل محمد شاهه جي وڪيلن پاران داخل ڪيل درخواستن تي دليل مڪمل ڪيا ويا جنهن کان پوءِ عدالت انهن درخواستن جو فيصلو محفوظ بعد ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي پيرمظهر الحق جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ايس ايڇ او خداآباد کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته مخالف درخواستگذار پ پ پ اڳواڻ آبادگار سيد گل محمد شاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ پير مظهر الحق ٿاڻي تي پهچي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آخري اطلاعن تائين ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي آهي.