سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 12 ايڊيشنل ججن عهدي جو حلف کڻي ورتو 

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مقرر ٿيل 12 ايڊيشنل ججن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو،ايڊيشنل ججن جي حلف برداري جي تقريب سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي ڪانفرنس روم ۾ ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي ايڊيشنل ججن کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد شفيع صديقي حلف کڻايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي مدت هڪ سال لاءِ آهي، .سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج ۾ جسٽس محمد حسن اڪبر ، جسٽس فيض الحسن شاھ ، جسٽس خالد حسين شاھاڻي ، ميران محمد شاھ ، تسليم سلطانه ، رياضت علي سحر ، عبدالحميد برڳڙي ، جهان علي جوڻيجو ، نثار احمد ڀنڀرو ، علي حيدر ادا ، محمد عثمان علي حادي ۽محمد جعفر رضا شامل آهن.حلف برداري جي تقريب سنڌ ها۽ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ، جسٽس  صلاح الدين پنهور  ، جسٽس اقبال ڪلهوڙو ،آئيني بيئچ جي سربراهه  جسٽس ڪي ڪي آغا ، جسٺس  عدنان چوڌري سميت ٻين شرڪت ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج به موجود هئا .تقريب سنڌهاءِڪورٽ جي رجسٽرارسهيل لغاري ، حلف برداري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو صدر سرفراز ميتلو ، ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائيچ ، ، سنڌ بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ڪاشف حنيف .اخترحسين سميت ٻيا سيئنر وڪيلن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي .سنڌ هاءِڪورٺ ۾ هن وقت 28 مستقل  جسٽس  آهن. جڏهن ته12ايڊيشنل ججز کان پوءِ سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ججز جي تعداد 40 ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.