رچرڊ گرينل کي ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي سان گمراهه ڪيو ويو: جينٽري بيچ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي سيڙپڪارن جي وفد جي سربراهه ۽ ٽرمپ خاندان جي ويجهن ڪاروباري ساٿي جينٽري بيچ چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته رچرڊ گرينل کي ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي جي ڪري گمراهه ڪيو ويو ۽ رچرڊ گرينل جيڪو چيو اهو پاڪستان بابت سندس سمجهه مطابق هو هن چيو ته هاڻي پاڪستان کي اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجھيو ويو آهي. جينٽري بيچ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جينٽري بيچ چيو ته پاڪستان اچي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جا ماڻهو گهڻا ذهين ۽ محنتي آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخي آهن. هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي حوالي سان ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتصادي سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا، آمريڪي سيڙپڪارن جو وفد پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ آيو آهي.

. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي سيڙپڪار هٿرادو ذهانت، ريئل اسٽيٽ ۽ معدنيات ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستان جي موجوده قيادت نئين آمريڪي قيادت سان مڪل طور هم آهنگ آهي. تازو ئي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار رچرڊ گرينل پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ٽوئيٽ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.