اسلام آباد(عمران شفقت) ح گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ جوڙيل ڪميشن ۾ اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي جج فقير محمد کوکر کي سربراه مقرر ڪيو ويو هيو. گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي بلوچستان اندر علحدگي پسند تحريڪ هلي رهي آهي جيڪا مليٽنٽ آهي. منهنجي سوچ اها آهي ته جيڪو به بندوق کڻي ٿو چاهي بلوچ هجي طالبان هجي يا جيئي سنڌ وارو سڀني لاءِ ڪا رعايت نه هجڻ گهرجي ته جيستائين بندوق نه ٿو ڇڏي ساڻس ڳالهيون نه ٿينديون. جڏهن توهان ماڻهن کي حق نه ڏيندا ، حق حاڪميت ڇني وٺندا ته پوءِ اهو سبب به آهي ماڻهن جي گم ٿيڻ جو. گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو به رياست خلاف رد عمل ۾ آهي ۽ جڏهن اسٽبلشمنٽ کي ڪجهه حل نه سجهيو ته انهن ماڻهن کي گم ڪري ڇڏيو. پاڪستاني رياست جو ان ڳالهه ۾ انٽرسٽ ئي ناهي ته گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڇي ۽ ماڻهن جو گم ٿيڻ ختم ٿئي.ڀٽو وزيراعظم هيو ضياءِ الحق آرمي چيف هن کيس ٻڌايو ته هڪ قبائلي سردار جو پٽ ٽرانسپورٽ ڪندي مري پيو کيس هڪ صحرا ۾ دفنايو ويو آهي ۽ ڀٽو سندس منهن ڏسندو رهجي ويو رياستي ادارن تي چيڪ نه هجي ته ائين ٿي ويندوآهي. سنجيدگي ڏسو ته ڪيريڪٽر ليس ماڻهو جسٽس جاويد اقبال کي ڪميشن جو سربراه بڻايو ويو ان جي ڪري ته اگر مٿان ڪو باڪردار ماڻهو هوندو ته آئين ۽ قانون تي هلندو جڏهن جسٽس فقير محمد کوکر کي سربراه ٻنايو ويو ته سندس هڪ اسپتال جي تصوير مون سان شيئر ٿي سو ڪيڏو ڪريل مزاق آهي رياست جو شهرين سان جو ان ڪميشن جو سربراه هڪ موت جي بستري تي پيل فرد کي بڻايو ويوآهي سو رياست کي بيمار ڪميشن کپي جيڪو ايڪٽو نه هجي. ڇو جو مسئلو حل ناهي ڪرڻو. گزريل رات خبر آئي ته جسٽس فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو. سو لڳي ٿو ته اسان اتاولا ٿي رهيا آهيون هي ستر پنجهتر ورهين جي پريڪٽس جلدي ختم ٿيڻ واري ناهي. پاڪستان اندر شهري ڪڏهن به رياست جي ترجيح ناهن رهيا. سو اهڙي چونڊ مان چٽو آهي ته رياست نه ٿي چاهي ته ان جا ٿنڀا ٿوڻيون لوڏيندڙ مسئلا ڪڏهن حل ٿين. ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آئي جون حڪومتون آيون ويون پر اهو مسئلو اتي جو اتي آهي. ٻئي پاسي انصار عباسي پي ٽي آئي جي شخصيت جوحوالو ڏيندي چيو آهي ته نه اسان ڳالهيون ختم ڪيون آهن نه وري اسٽبلشمنٽ .
-
مسنگ پرسنز ڪميشن جو سربراهه فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج ۽ مسنگ پرسنز ڪميشن جو سربراهه (ر) فقير محمد لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت هڪ هفتو اڳ جسٽس (ر) جاويد اقبال جي جاءِ تي جسٽس (ر) فقير محمد کوکر کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو هو.سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج ۽ مسنگ پرسنز ڪميشن جو سربراهه جسٽس (ر) فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي سندس گهرڀاتين به تصديق ڪئي آهي، جسٽس (ر) فقير محمد جي جنازي نماز بعد مڙهه لاهور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.