ميھڙ )رپورٽ: فراز چنا) گذريل ڏهاڙي کوسا ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جاري تڪرار تان هٿياربندن هٿان پوليس پڪٽ ڀرسن حملو ڪري گهورارو پورهيت نوجوان برڪت کوسي کي قتل وارو مامرو ، ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول پورھيت نوجوان جي گھرواري مسمات نصرت خاتون جي فرياد تي گناھ نمبر 35-2025 ھيٺ مگسي برادري جي 11 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. مقتول جي قتل ڪيس ۾ عبدالرزاق، علي اصغر ، غلام مصطفي ، غلام حسين ، ساجن ،منظور ، مٺل، رفيق ، صديق ، نظير ، عبدالحميد مگسي کي نامزد ڪيو ويو آھي .مقتول جي گهرواري ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته جوابدارن ھن صلاح ٿي ذاتي دشمني تان نوجوان کي قتل ڪيو آھي، ٻئي طرف ميھڙ پوليس ميھڙ ڀرسان مگسي برادري جي گھرن تي ڪاھ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڇاپا جاري آھن. واضع رھي ته مگسي ۽ کوسا برادري ۾ گذريل 9 سالن کان زرعي زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ آھي جنھن سبب کوسا برادري جا 3 ۽ مگسي برادري جو ھڪ ڄڻو قتل ٿي چڪو آھي . واقعي سبب علائقي م ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، ٻئي طرف گذريل ڏينھن کوسا ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين م جاري خوني تڪرار تان ھٿيار بندن ھٿان قتل ٿيل پورھيت برڪت کوسو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. مقتول جي وارث مرد ، عورتن ۽ کوسا برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ انڊس ھاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب انڊس ھاءِ وي 34 ڪلاڪ بند رهيو جنهن سبب ڪراچي ، حيدراباد ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي ميھڙ ۾ کوسا برادري پاران مقتول برڪت کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انڊس ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻي ۾ پھچي مقتولن جي وارثن سان ملاقات ڪري قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ بدامني آھي.
ماڻھو پنھنجي شھرن ۾ محفوظ ناھن. سنڌي ماڻھن کي ٿورن ٿورن مسئلن تي ويڙھائي ڌرتي کان غافل رکيو ٿو وڃي ته ماڻھو ڌرتي لاءِ جدوجھد نه ڪن، ھوڏانھن مقتول برڪت کوسو جي وارث مردن ۽ عورتن پاران انڊس ھاءِ وي تي لڳايل ڌرڻو وارثن پاڻمرادو ختم ڪري ڇڏيو.