ميرپورخاص(بيورورپورٽ) عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جون ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرڻ خلاف الزام هيٺ آيل جوابدارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي ۾ جوابدار ڌر، ايف آءِ اي جا بيان ٿيا ايف آءِ اي پاران دليل پيش ڪيا ويا جنهن بعد عدالت پاران ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت پاران فريادي ڌر جي وڪيل سجاد چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڙتو مقابلي ۾ مارجڻ جو سنڌڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي جي حوالي ڪئي وئي جنهن جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي پاران ڪيس جي پاڻ وٽ ايف آءِ آر درج ڪري جاچ ڪئي وئي جنهن خلاف جوا بدار ڌر پاران هڪ واقعي جون ٻه ڌار ڌار ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف جوابدارن عنايت زرداري ۽ ٻين پاران هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي ته ايف آءِ اي واري ايف آءِ آر نيڪال ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته هڪ واقعي جي هڪ ايف آءِ آر داخل نه ٿي ٿي سگھي ته ٻين جوابدارن سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس کي ختم ڪرڻ لاءِ اي ٽي سي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪيل آهي جڏهن ته ايف آءِ اي وارن دليل ڏنا آهن ته جيستائين اسان وٽ ڪيس درج نه هوندو اسين ڪهڙي جاچ ڪنداسين ۽ انهن پاڻ وٽ ڪيس درج ٿيڻ جي دليلن سان گڏ اڳ به ايف آءِ اي پاران ڌار ڪيس درج ٿيڻ ۽ درج ٿيل هڪ کان وڌيڪ ڪيس تي جاچ ڪرڻ وارن ڪيسن جي نشاندهي ڪئي آهي هن چيو ته اصل ۾ جوابدار ڌر ڪيس کي اينگھائڻ چاهي ٿي جنهن جو ثبوت سنڌڙي ٿاڻي ۽ ايف آءِ اي جي داخل ٿيل ايف آءِ آر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌار ڌار درخواستون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڪيس جا مُک جوابدار ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه وري کين هن وقت تائين گرفتار ڪيو ويو آهي هن چيو ته عدالت ۾ ايندڙ ٻڌڻي 12 فيبروري تي مقرر ٿي آهي جنهن ۾ وڌيڪ دليل ڏنا ويندا.