نوابشاهه (ڊر ) سانگهڙ واقعي خلاف جسقم شهيد بشير خان تعلقي نوابشاھ پاران نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي اڳواڻن حنان عباسي سيد ناصر حسين شاھ ڪاشف لاکو پير مشتاق ۽ ٻين چيو ته جهموريت جي ڪوڙي دعوا ڪندڙ حڪمران سدائين غريب پورهيت عوام تي ظلم ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ لاقانونيت پيدا ڪئي آهي ھنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته سانگهڙ ۾ بيگناهه قتل ٿيلن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ واقعي جي جلد کان جلد ايف آء آر ڪٽي قاتل گرفتار ڪيا وڃن.