نوان ڪئنال سنڌ ۽ ملڪ دشمن آھن، پاڻي چوري جي جاچ ڪرايو: سنڌياڻي تحريڪ جي ڪانفرنس

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) مٽياري ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ضلعي جي سياسي سماجي،  مذھبي، قومپرست پارٽين جي اڳواڻن اديبن، دانشورن، وڪيلن  سميت سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ منظور ڪيا ويا، ته سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال سنڌ دشمن ملڪ دشمن توڙي عوام دشمن آھن، جيڪي مڪمل طور رد ڪجن، گرين انيشيٽو منصوبو پڻ ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي زمين تان بيدخل ڪرڻ آھي جيڪو رد ڪجي ٿو، گرين پاڪستان منصوبي تحت چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو واپس ورتو وڃي، سنڌ ۾ بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي 50 ايڪڙ زمين سان گڏ مفت ۾ زرعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي، سٺي ساک رکندڙ عالمي  ادارن کان گذريل ڏيڍ صدي کان مسلسل سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ چوري ٿيل پاڻي جي منصفانہ جانچ ڪرائي وڃي ، 91 واري پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي . چشماجھلم لنڪ ڪئنال . تونسا لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن ڪوٽڙي کان ھيٺ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ سبب ٺٽي سجاول ۽ بدين ضلعن جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ کائي ويو آھي تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن لکين ملاح پنھنجن گھرن کان بي گھر ٿيا آھن انھن کي معاوض ڏنو وڃي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني کي ڏيڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي سنڌياڻي تحريڪ جي اڄوڪي اي پي سي مطالبو ٿي ڪري تہ وفاقي سرڪار سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو بند ڪري سنڌ جا وسيلا سنڌي قوم حوالي ڪيا وڃن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو تہ سانگھڙ چوٽياريون واقعي جي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري فوري گرفتار ڪري قرار واقعي سزا ڏني وڃي ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري لٽيل پئسو واپس ورتو وڃي پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فوري بازياب ڪرائي ڏوھن ۾ ملوث ڀوتارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي آخر ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران وچن ڪيو ويو تہ سنڌو درياء جي تحفظ لاء پنھنجي قائد محترم اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي م قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين سڀني سنڌ دوست قومپرستن پروگريسو ۽ عوام دوست پارٽين سان گڏجي ماضي جيان ڀرپور جدوجھد ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي رھندي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن زينب سمون . نصرت خاصخيلي . زاھدا ڏاھري . الطاف خاصخيلي کان سوا جي يو آئي اڳواڻ حاجي سارنگ منگواڻو . وسوا اڳواڻ رحمت الله ترڪ . فنڪشنل ليگ اڳواڻ پير عبدالوھاب سرھندي . جسقم اڳواڻ تاج حيدر درس . ايڊووڪيٽ نصرت خاصخيلي . . پ ٽ الف اڳواڻ بشير کتري . قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ماجد خاصخيلي . نعيم خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.