رپورٽن موجب چوٽياريون ويجهو ڳوٺ مناهيل جوڻيجو ۾ مال جي ڀيل تان هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جو پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ ٻين تي ڪيس داخل نه ٿين خلاف وارثن پاران مقتولن جا لاش رکي ڪالهه چوٿين ڏينهن به سانگهڙ پريس ڪلب جي آڏو ڌرڻو جاري رکيو. ٻئي پاسي مختلف علائقن مان سروري جماعت، حر جماعت، قوم پرست پارٽين سميت تحريڪ انصاف ۽ مذهبي جماعت جي اڳواڻن به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو مطالبو رڳو اهو آهي ته انصاف ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي پر پوليس اصل جوابدار خلاف ايف آءِ آر نه پئي ڪٽي. پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيه عطا مري ان ڌرڻي ۾ پهچي مقتولن کي يقين ڏياريندي رهي ته اوهان جي مرضي موجب ڪيس داخل ٿيندو پر لاشن کي دفنايو پر وارثن چيو ته جيستائين علاءُ الدين جوڻيجي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل نه ٿيندو تيستائين لاش نه دفنايا ويندا.
اهڙي صورتحال ۾ رپورٽن موجب ٽيون ڏينهن شازيه مري ايس ايس پي سانگهڙ کي پڻ ڌرڻي تي گهرائي چيو ته وارثن جون دانهون ٻڌو. ان موقعي تي ايس ايس پي چيو ته علاءُ الدين جوڻيجو واقعي واري هنڌ موجود نه هو ته ايف آءِ آر ان تي ڪيئن داخل ڪجي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن گرفتار آهن ۽ هٿيار به ضبط ڪيا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪي به ملوث هوندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شازيه مريءَ کيس چيو ته مسئلي جو حل ڪڍو ته جيئن هي پنهنجن مقتولن جا لاش کڻي وڃي دفنائين.
سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان به مقتولن جي وارثن سان ملي کين يقين ڏياريو ته واقعي جي ايف آءِ آر وارثن جي مرضي موجب ٿيندي هوڏانهن حرن جي پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري چيو ته آهي مقتولن جي وارثن سان گڏ آهيون ۽ ڌرڻي ۾ ويٺلن جي کاڌي پيتي جو انتظام به ڪنداسين.
مٿي پيش ٿيل رپورٽ ٽئين ڏينهن جي آهي جڏهن ته ڪالهه سانگهڙ واري هن واقعي جو سنڌ اسيمبلي ۾ به پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ اتي پڻ مقتولن جي وارثن جي منشا موجب ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اهڙي مطالعي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ به شامل هئي، جڏهن ته ناصر حسين شاهه پڻ يقين ڏياريو ته مقتولن جي وارثن سان انصاف ٿيندو.
اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته بظاهر پ پ جا وزير به تسليم ڪن ٿا ته مقتولن جي وارثن جي رضا تحت ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي پر چئن ڏينهن تائين ائين ٿي ناهي سگهيو ۽ معاملي کي اينگهايو پيو وڃي . معاملي کي ڇو پيو اينگهايو وڃي سا به لڪيل ڳالهه ناهي مٿي لکي آيا آهيون ته مقتولن جا وارث پ پ جي ايم اين اي کي اصل مُک جوابدار ڄاڻايو آهي جنهن کي بچائڻ جو ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وقت پ پ جا حڪومتي وزير مقتولن جي وارثن سان جيڪو ڳالهائي رهيا آهن ۽ جيڪا سرگرمي ڏيکاري رهيا آهن تنهن جو اصل مقصد اهو ئي آهي ته ڪيئن به ڪري کين راضي ڪيو وڃي ته اهي لاشن کي وڃي دفن ڪن، ٻين معاملن کي پوءِ ڏٺو ويندو. اهو زور ان ڪري لڳايو پيو وڃي جو حڪومت کي چڱيءَ ريت پروڙ آهي ته جيستائين لاشن کي دفنايو نه ويندو تيستائين هي مسئلو هاءِ پروفائيل ٿيندو ويندو جيڪو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو، تنهن ڪري في الحال سڄو زور ان تي آهي ته مقتولن جي وارثن کي ڪيئن به ڪري لاش دفنائن تي راضي ڪيو وڃي.
ٿيندو نيٺ ائين ئي ته پر في الحال سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي ته هيءَ ڪهڙي گورنسنس آهي جنهن ۾ قتل جي نارمل ايف آءِ آر به داخل نه ٿي ٿئي جيڪا خالص آئيني تقاضا آهي. ايف آءِ آر جو اهو آئيني طريقو اصل ۾ ماڻهن کي قانوني حق ڏيندو آهي ته اهي سزا جي لائق ڪنهن به ڏوهه يا ڏوهي وارداتن خلاف پوليس ٿاڻن ۾ وڃي ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهن ٿا ته جيئن ساڻن انصاف ٿي سگهي. پوءِ ان فرياد ۾ داخل جوابدارن جا نالا اوهان کي وڻن يا نه وڻن پر قانوني ۽ آئيني طور تي اهو ڏوهه جي متاثرن يا ستايلن جي صوابديد تي ڇڏيل آهي ته اهي ڪنهن کي ڏوهه جو جوابدار سمجهن ٿا يا ڪنهن تي شڪ اٿن پوءِ اهو پوليس جو ڪم آهي ته پهريون گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ۽ پوءِ سندن ڪيس ٺاهي ان کي عدالت ڏانهن منتقل ڪري. پر هاڻي اها انتهائي مذمت جوڳي روايت پيدا ٿي رهي آهي ته پوليس ايف آءِ آر ۾ به مداخلت ڪرڻ لڳي آهي ۽ متاثر ڌر جي چوڻ بجاءِ پنهنجي خواهش پٽاندڙ جوابدارن جا نالا لکرائي اصل ڏوهارين کي بچائڻ جو ڏوهه ڪرڻ لڳي آهي يا ڌر بڻجڻ لڳي آهي جنهن جي سڄي سنڌ ۾ سخت مذمت ٿي رهي آهي ۽ هڪ ڏوهاري کي بچائڻ لاءِ حڪومت ۽ پوليس پاڻ کي نه رڳو بدنام ڪري رهي آهي پر آئين ۽ قانون تان به عوام جو اعتبار ۽ ارواح کڄائي رهي آهي. هتي دل ٿي چوي ته شيخ اياز جو هڪ مشهور شعر ان ترميم سان هتي رکجي ته ” جت ايف آءِ آر به پنهنجي مرضي سان نه ڪٽرائي سگهجي سو ديس مسافر منهنجو ڙي .
بهرحال ٽن مقتولن جي ايف آءِ آر نه ڪٽجڻ وارو معاملو هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ڏسڻو اهو ته ان جو ڊراپ سين ڇا ٿو ٿئي، ڇا حڪومتي دٻاءُ ۽ ڊيل تحت لاشن کي دفنائي ٿا ڇڏين يا مقتولن جا وارث حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري پنهنجي منشا واري ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. هي ايڊيٽوريل لکجڻ تائين ته ڳالهه اتي ئي بيٺل آهي.