ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي غيرترقياتي بجيٽ جا ڏگر ڪڍي ڇڏيا آهن,رڳو ٻن ٽماهين ۾ 1 ارب 24 ڪروڙ 79 لک رپيا چٽ ڪري ڇڏيا,جڏهن ته ٻن ٽماهين لاء 1 ارب 50 ڪروڙ جاري ڪرايا آهن,عوامي آوز کي مليل ڳجهن دستاويزي ثُبوتن موجب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي غير ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ ۾ وڏي سخاوت ڪئي آهي هڪ بنا تفصيلن واري ڪاز سينٽر ٽو ادرس جي هيڊ A05270 مان 1 ارب 13 ڪروڙ 25 لک رپين کي ٻُهارو ڏيئي ڇڏيو آهي,ٽرانسپورٽ جي نالي تي اڪائونٽ A13001 مان 18 لک 70 هزار کي رڳڙو ڏنو,مشينري جي خريداري جي نالي تي 19 لک 35 هزار خرچ ڪري ڇڏيا آهن,فرنيچر جي خريداري جي نالي تي 12 لک 96 هزار,هارڊ ويئر جي نالي تي 12 لک 86 هزارن ۽ سافٽ ويئر جي نالي تي 10 لک 93 هزارن جي رقم کي ٻڙڪو ڏنو آهي,بيسڪ پي جي نالي تي 1 ڪروڙ 81 لک خرچ ڪيا,پرسنلي پي جي نالي تي 1 لک 11 هزار ڪڍرايا آهن,اسپيشل پي جي نالي تي 1 لک 13 هزار,ادر اسٽاف جي پگهار جي نالي تي 78 لکن جي رقم خرچ ڪئي آهي,هائوس رينٽ الائونس جي نالي تي 21 لک , ڪنوينس الائونس جي نالي تي 11 لک ,ميڊيڪل الائونس جي نالي تي 7 لک 14 هزار,آرڊرلي الائونس جي نالي تي 2 لک 50 هزارن جي رقم ڳڙڪائي آهي,سيڪريٽريٽ الائونس جي نالي تي 76 لک 80 هزارن جي رقم کي ٻرو ڏنو آهي,ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 71 لک 21 هزارنجي رقم هڙپ ڪئي آهي,سپيريئر ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 30 لک رپين کي ٻهارو ڏنو آهي,يوٽلٽي الائونس جي نالي تي 59 لک 57 هزارن جي رقم ڪڍائي خرچ ڪئي آهي.ايڊهاڪ رليف الائونس جي نالي تي الڳ اڪائونٽ مان 78 لک رپيا ڳڙڪايا آهن,ايڊهاڪ رليف الائونس جي هڪ ٻي اڪائونٽ مان 60 لک رپيا ڪڍرايا آهن,اوور ٽائيم جي نالي تي 60 هزار,اعزازيي جي نالي تي 3 لک 11 هزار,ميڊيڪل چارجز جي نالي تي 5 لک 20 هزارن کي ٻهارو ڏنو آهي,هڪ ٻي ادرس اڪائونٽ مان 1 لک 5 هزار ڪڍيا آهن,اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشن جي نالي تي 16 لک 55 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي, ڀاڙي جي لاءِ 5 لک 42 هزار,A03807 واري اڪائونٽ مان رڳو 1 ڪروڙ رپين جو تيل استعمال ڪيو آهي,ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سيڪريٽريٽ سائيڊ تي 27 لکن جي اسٽيشنري استعمال ڪئي آهي,ڪاليج ايجوڪيشن کاتي 18 لک 72 هزارن جي رڳو ڇپائي تي خرچ ڏيکاريا آهن,سروس رينڊرڊ جي نالي تي 60 لک 72 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي,ادرس اسٽور جي نالي تي 12 لک 38 هزار خرچ ڏيکاريندي ٻي هڪ ادر اڪائونٽ مان 72 لک 12 هزار رپيا ڳڙڪايا آهن,