حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد ۾ نوجوان عورت ويم دوران فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڄاول ٻارڙي جي به حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪو سول اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ داخل آهي. وارثن ليڊي ڊاڪٽرن تي لاپرواهي ۽ غفلت جو الزام هڻندي مطالبو ڪيو آهي ته غفلت ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سول اسپتال جي ايم ايس ۽ انتظاميا خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو. حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي ڳوٺ موليڏنو ميربحر جي رهواسڻ 21 ورهين جي آسيه زال بابر ملاح کي هڪ ڏينهن اڳ صبح جو ويم جي لاءِ سول اسپتال حيدرآباد جي گائني وارڊ ۾ آندو ويو، جتي صبح کان وٺي شام تائين ويم لاءِ آيل عورت کي انتظار ڪرايو ويو، وارث ڊاڪٽرن ۽ عملي کي منٿون ڪندا رهيا ته عورت کي تمام گهڻي تڪليف آهي، جلد آپريشن ڪيو وڃي. پر شام ڌاري عورت جو بلڊپريشر وڌي ويو ۽ عورت بيهوش ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪيو ۽ عورت پٽ کي جنم ڏنو، پر آپريشن دوران ئي عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڄاول ٻارڙي جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جيڪو سول اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ داخل آهي. فوتي عورت جو لاش اسپتال انتظاميا وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن وارثن مڙس بابر ملاح، ڀاءُ منور ملاح ۽ ٻين ويم دوران ڊاڪٽرن تي غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته آسيه کي گذريل هڪ هفتي کان سول اسپتال حيدرآباد جي گائني وارڊ ۽ او پي ڊي جون ليڊي ڊاڪٽر چڪر ڪٽرائينديون رهيون آهن ته اڃا دير آهي، پر عورت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا، آپريشن ذريعي ئي ويم ٿيڻو هو، پر ڊاڪٽر مسلسل لاپرواهي جو مظاهرو ڪنديون رهيون، جنهن جي ڪري هوءَ فوت ٿي وئي، هنن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسپتال جي ايم ايس، انتظاميا، گائني وارڊ جي ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ سميت عدالت جو در کڙڪائينداسين.