ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ پنوعاقل واسڻ ڇوڪريءَ جي شادي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو ته شادي جي تقريب ۾ نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهد ڪٿي آهن؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته شادي جي تقريب جو نڪاح خوان ۽ شاهد نه ملي سگهيا آهن،عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته ڇا توهان ان ڇوڪري جي گهر ويا هئا جنهن جو نڪاح ٿيو ؟جاچ آفيسر چيو ته هو به اتي ويو هو، پر سندس ڀاءُ، جيڪو پاڻ پوليس ۾ آهي، گهر ۾ هو، عدالت چيو ته نابالغ ڇوڪري جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي آهي، عدالت پاران جاچ آفيسر تي غلط بيان ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد پوليس جاچ آفيسر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، عدالت نابالغ ڇوڪري جي والدين کي ملاقات جي اجازت به ڏئي ڇڏي، عدالت نابالغ ڇوڪري کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي والدين سان گڏ ويهي سوچي سمجهي ڪري فيصلو ڪري، پنو عاقل ٿاڻي تي نابالغ ڇوڪري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،
فلڪ 11 نومبر تي قيوم احمد نالي ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي، نوجوان ۽ ڇوڪريءَ اغوا جو داخل ڪيس ختم ڪرڻ ۽ تحفظ جي درخواست لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، ڇوڪري جي ماءُ جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ 15 سالن جي آهي ۽ يارنهن درجي ۾ پڙهي رهي آهي، ڌيءَ کي اغوا ڪري شادي ڪئي وئي ، عدالت ڪجهه دير کان پوءِ جاچ آفيسر کي ڇڏي ڏنو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3فبيروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .