اسلام آباد(عمران شفقت) ايڊيشنل رجسٽرار خلاف ٻه رڪني بينچ پنهنجو فيصلو ڏيندي توهين عدالت نوٽس واپس ورتو آهي پر ان سان گڏ آئيني بينچ ۽ ججز ڪميٽي خلاف چيف جسٽس کي لکيو آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ 26هين آئيني ترميم لاءِ فل ڪورٽ جوڙي . ٻئي پاسي ايڊيشنل رجسٽرار توهين عدالت جي ڪارروائي نه ٿيڻ تي 6 رڪني بينچ مان پنهنجي اپيل واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي پر 6 رڪني بينچ کيس اها اجازت نه ڏني. ٻئي پاسي ڪالم نگار عمار مسعود هڪ ڪالم لکيو آهي ته شهبازشريف کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي زندگي وسوسن ۾ گذارڻي آهي يا عوام کي منهن ڏيکارڻو آهي. هن اهو به لکيو آهي ته حل نه جماعت اسلامي آهي نه شهبازشريف وٽ حل صرف ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ عوام جي خدمت آهي.هن اهو به لکيوآهي ته بيرسٽر گوهر سان ملاقات کان پوءِ لڳي ٿو ته مٿين سرڪار جو موڊ تبديل ٿي رهيوآهي ۽ شهبازشريف کي به اها کڙڪ آهي. اگر ووٽ کي عزت ڏيو جو معاملو هجي ها ته هن وقت نوازشريف وزيراعظم هجي ها ۽ ان خلاف پاناما، اقاما يا ٻيو ڪو معاملو کليل هجي ها ۽ واپسي جا دڳ ڳوليا وڃن ها. جسٽس منصور علي شاه جيڪي ڪجه ڪري رهيو آهي ۽ آئيني بينچ خلاف هلان ڪري رهيو آهي اهو سسٽم تي حملو آهي اگر فوج ۽ اسٽبلشمنٽ حڪومت سان هڪ پيج تي نه هجن ها ته ڪڏهوڪو سرڪار هلي وڃي ها .هڪ ڀيرو سياسي ڌرين کي اسٽبلشمنٽ سان ڳالهائڻو پوندو ته ملڪ کي ڪئين هلڻو آهي. 2014 جي ڌرڻن دوران مشاهد الله ۽ پرويز رشيد بجاءِ راحيل شريف کي هٽائين ها راحيل شريف ۽ ظهيرالسلام خلاف شاهديون سامهون اچي رهيون هيون سو پاڪستاني فوج نه هجي ها هن وقت ته هي ڪجهه جج ئي سسٽم جي تڏي ويڙه ڪرائڻ لاءِ هن وقت ڪافي هئا. باقي هن وقت پاڪستاني فوج ۽ سياستدان هڪ صفحي تي آهن ته اها ملڪ جي بهتري آهي.