اڄ ڳالهين لاءِ اجلاس، پي ٽي آءِ جو شرڪت کان انڪار

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت ڪميٽين جو اجلاس اڄ ٿيندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ شرڪت کان انڪار  ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊي سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان ڳالهين لاءِ حڪومت کي 7 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، حڪومت سان اڄوڪي اجلاس ۾ نه ويهنداسين، سيڪريٽري اسپيڪر کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، پيڪا ايڪٽ جلدبازي ۾ مظور ڪرايو ويو آهي، هي ڪنهن کي به جعلي خبرن جي آڙ ۾ پڪڙڻ جو قانون آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، اسد قيصر چيو ته اهڙن قانونن جو قيام مارشل لا پلس آهي، انهن قانونن جو نتيجو صحافت کي دٻائڻ ۽ پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ آهي، ٻي پاسي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ طرفان 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، خيبر پختونخواهه ۽ اتر پنجاب جا ڪارڪن صوابي ۾ گڏ ٿيندا، احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪارڪن احتجاج ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.