حيدرآباد /سکر(پ ر)سنڌو درياءِ تي تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ” سنڌ اسان جي ماءُ، سنڌو اسان جو ساھ” جي سري هيٺ شروع ڪيل عوامي جاڳرتا مهم جو قافلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سکر پهتو جتي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام وڏي انگ ۾استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن شاهوڪار ڌرتي جي رهواسين کي ڪنهن به قسم جون سهولتون ناهن. عام ماڻهو هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن. غربت سبب اسان جون نياڻيون روڊن تي پنڻ لاءِ مجبور آهن. اسپتال ۾ علاج لاءِ نه ڊاڪٽر موجود آهن نه ڪا عام بخار جي گوري موجود آهي. سنڌ جي تعليم کي پرائيويٽ اسڪولن جي ڄار وڇائي غريب مسڪين ماڻهو جي پهچ کان پري رکيو ويو آهي. هن سمورين مصيبتن جو سبب سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ حڪمران آهن گذريل ڊگهي وقت کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ نه صرف سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون سڀ وڪرو ڪري ڇڏيون آهن،هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌو درياهه کي بچائڻ جي لاءِ نڪتا آهيون. جيڪڏهن سنڌو درياهه سُڪي ويو ته سنڌ مان زندگي ختم ٿي ويندي. هن چيو ته پ پ پ ڊرامي بازي بند ڪري عوام کي بيوقوف نه بڻائي آصف زرداري خود هن منصوبي جي منظوري ڏني آهي. جيڪڏهن پ پ پ واقعي سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف آهي ته پوءِ سنڌ اسيمبلي۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ سندن اڪثريت آهي اتان هن منصوبن خلاف قراداد پاس ڪرائي ،هن چيو ته 24 فيبروري تي لکين سنڌي حيدرآباد ۾ گڏ سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿاريندا.ان موقعي تي جلسي کي ڄام عبدالفتاح سميجو ،گلزار سومرو ،حيدر شاھاڻي ، ڊاڪٽر احمد نوناري ،محمد علي شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.