ڪراچي(رپورٽر)سول سوسائٽي سان لاڳاپيل وڪيلن، عورتن جي حقن جي اڳواڻن ۽ رٽائرڊ جسٽس ماجده رضوي،علي پلهه،ڪشن شرما،شازيه نظاماڻي،نزهت شيرين،سارنگ جويو ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ اسيمبليءَ جي حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ انساني حقن جي ڪم ڪندڙن کي رياستي ۽ نجي سطح تي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ ڪميشن جوڙڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي گم ڪري انهن جا لاش ڏنا وڃن ٿا ۽ امر سنڌو سميت ٻين عورتن جي ذاتي طور تذليل ڪئي پئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۽ صوبي ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن جو رستو روڪڻ لاءِ عرفانه ملاح وانگر ٻين تي توهين مذهب جو الزام لڳائڻ سولو ٿي پيو آهي،اڳواڻن چيو ته انساني حقن جي ڪارڪنن جو تحفظ ڪندڙ ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار هجڻ گهرجي، جنهن جي فنڊن حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ کان ٻاهر عالمي انساني حقن جي تحريڪن يا ادارن سان لاڳاپا رکڻ تي ڪڙي نظر رکي انهن کي غير ملڪي ايجنٽ ڪوٺڻ واري عمل جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيڻ، الزام هڻڻ يا انهن تي حملا ڪندڙن لاءِ هڪ سال کان وٺي 7 سالن جي سزا مقرر ڪئي وڃي. هنن چيو ته پاڪستان سميت سنڌ ۾ انساني حقن جي تحفظ ڪندڙ ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ ڪوبه قانون يا ڪميشن موجود نه آهي ۽ 18 ترميم بعد هاڻي سنڌ حڪومت اهڙي ڪميشن ٺاهي ان لاءِ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪري سگهي ٿي. سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو ته ان ڪميشن ٺاهڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن کي تجويز ڪيل مسودو ڏنو ويو آهي اميد ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ اها ڪميشن جوڙي ان تي قانون سازي ڪئي وڃي.