غوثپور ( ن ع آ )غوثپور ۾قومي عوامي تحريڪ طرفان سنڌو درياھه مان غير قانوني 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ضلعي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني قبيلائي دھشتگردي خلاف خلاف دولي چوڪ کا پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .احتجاجي ريلي کي ضلع صدر فدا محمداڻي، سرور جعفري، قدرت ﷲ باجڪاڻي، سجاد بروهي، فراز بجاراڻي، سائين بخش جعفري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي ان سازش ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي ۽ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي بدامني تي سنڌ حڪومت جي خاموشي ٻڌائي ٿي ته حڪومت پاڻ ڏوهن ۾ ملوث آهي. هنن وڌيڪ چيو ته غوثپور سميت پوري ضلعي اندر ڏوهارين جو راڄ قائم قائم چوريون ڦرون ڌاڙا اغوائون ۽ قتل روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس ڏوهارين آڏو بي وس بڻيل آهي.