اسلام آباد/ هيوسٽن(ع آ نيوز/م ڊ) پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي آمريڪا ۾ چين مخالف ڪنهن به فورم جي تقريب ۾ شرڪت جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ون چائنا پاليسي جا حامي آهيون، ملڪ خلاف بي بنياد پروپئگنڊا هلي رهي آهي. گهرو وزارت موجب هوسٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته هن آمريڪا ۾ چين خلاف ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت ناهي ڪئي. سندس دوري جو مقصد دهشتگردي خلاف بهتر حڪمت عملي جوڙڻ آهي. ان کان اڳ خميس ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي هفتيوار بريفنگ ۾ محسن نقوي کان آمريڪا ۾ ”نيو فيڊرل اسٽيٽ آف چائنا“ نالي تنظيم جي تقريب ۾ سندس مبينا شموليت بابت سوال ڪيو ويو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي نقاد آهي چين، اقتدار جي خاتمي ۽ نئين حڪومت جي قيام جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته مخالف زهريلو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، هن نوجوانن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن کي غلط رنگ ڏنو ويو. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ سي پيڪ ۽ دفاعي منصوبن ۾ تعاون جي ڪري ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سڀ کان اهم آهن. اتي هن آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جوئي ولسن، ٿامس رچرڊ سوازي، جيڪ برگمين، ڪين ڪلورٽ، سينيٽر ٽامي ٽبر ويل ۽ ٻين سان به ملاقات ڪئي. محسن نقوي سان ملاقات ڪندڙ ٻن ڪانگريس ميمبرن جوولسن ۽ جيڪ برگمين بعد ۾ سوشل ميڊيا تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وائس آف آمريڪا جي صبا شاهه خان جي رپورٽ موجب ڪانگريس ميمبر جو ولسن جي آفيس وي او اي کي ملاقات بابت ٻڌايو ته هو سمجهن ٿا ته پاڪستان جا جمهوري ادارا، قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي انساني حقن جو احترام ڪيو ويندو.