ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جو واهي پانڌي ۾ مارچ،ڪوٽ غلام محمد ۾ ريلي

ڪوٽ غلام محمد/واهي پانڌي (پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن تي قبضي ۽ سنڌو درياه تي ٺهندڙ غيرقانوني ڇھ نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪوٽ غلام محمد نادرا چوڪ کان  پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سنڌو دريا تي ڪئنال ٺاهي سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، ڪاڇي تي قبضو نامنظور، سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، جي سخت نعريبازي ڪئي وئي. مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مختيار خاصخيلي، نورمحمد خاصخيلي، ساجن ڪمار، برڪت شر، مولابخش نونداڻي، شگن ڪولهي، سنڌو ايڊوڪيٽ کيمچند لوهاڻو، ايڊوڪيٽ انور خان ڀرڳڙي، جاويد احمد ڀرڳڙي، علي حسن کوسو، راڻو مل، سنڌ سڀا جي اياز ڪالرو، منصور ڪالرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميم ڪري ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي صدر زرداري آئين ٽوڙيو آهي، پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي، بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن، تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مڪانن سميت سموري سنڌ وڪرو ڪري رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ماڻھن کان زمينون ڦري بي دخل ڪرڻ بدران زمينون مقامي هارين ۽ ھارياڻين کي ڏئي کين جديد زرعي مشينري فراهم ڪري زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي، هوڏانهن واهي پانڌي ۾ عوامي تحريڪ پاران مارچ ڪيو ويو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عاطف ملاح، مختيار گائينچو، شيخ جمال برهماڻي، لال بخش بروهي، ميانداد برهماڻي، ڪرم رستماڻي، منير برهماڻي، عبدالڪريم لغاري، رياض پيچوهو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ چڱل برهماڻي، زيبل برهماڻي، وحيد بروهي ۽ ٻين  شرڪت ڪئي، مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته ايس آءِ ايف سي تحت ڪارونجھر جي 36 هزار ايڪڙ زمين ڪمپني حوالي ڪرڻ جو فيصلو سنڌي عوام پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي ٿو. ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ جو وڪرو ڪنهن صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سي سي آئي وارو ڊرامو بند ڪري،هن چيو ته گورک جي 10 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ڪاڇي، دادو، عمر ڪوٽ، خيرپور، بدين ۽ ٻين ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ ڏيڻ سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش آهي. ماھ نور ملاح چيو ته سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضو ڪيو پيو وڃي. ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو چيو ته ڇا ارسا سنڌ کي پاڪستان جو حصو نٿي سمجهي، پي ڊي ايم اي سنڌ ۾ سوڪهڙي جو الرٽ جاري ڪيو آهي ۽ اھڙي صورتحال ۾ وري ارسا اضافي پاڻي هئڻ جي اين او سي جاري ڪري پنجاب کي چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ جو اختيار ڏنو آهي، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر چيو ته پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن جي زمينن ۽ وسيلن کي نيلام ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته ڇهه نوان ڪئنال ٺاھيندڙ پ پ ۽ اتحادي سرڪار ملڪ کي 1971ع جي حالتن طرف ڌڪي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.