پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 3 ڀيرا وڌيڪ رقم جاري

اسلام آباد( بيورو+م ڊ )اتحادي حڪومت اوچتو پارليامينٽ جي ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي رفتار تيز  ڪري ڇڏي آهي ۽ ان مد ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪا 48.3 ارب رپيا آهي، سرڪاري دستاويزن موجب منصوبابندي واري وزارت ڪابينا ڊويزن جي مطالبي تي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ واري پروگرام تحت 48.3 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت 13 ۽ 17 جنوري جي وچ ۾ اسڪيمن لاءِ وڌيڪ 30.9 بلين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان ايم پي اسڪيمن لاءِ جاري ڪيل ڪل رقم 17 جنوري تائين 48.3 ارب رپيا ٿي وئي آهي، ڊسمبر 2024 تائين رڳو 17.5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا، وزارتي ذريعن موجب اتحادي پارٽين پاران پنهنجي ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ طلب ڪرڻ سبب هن مهيني ٽي ڀيرا وڌيڪ فنڊ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ناڻي واري وزارت جي بجيٽ جاري ڪرڻ واري حڪمت عملي تحت هن مالي سال ۾ مختص ڪيل رقم جو وڌ ۾ وڌ 60 سيڪڙو آهي بجيٽ سال جي پهرين ٽن مهينن يعني جولاءِ کان مارچ دوران جاري ٿي سگهي ٿي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.