ڪراچي سڀني جو شهر آهي،ڪا قوم دعويٰ نٿي ڪري سگهي:ايمل ولي

ڪراچي(م ڊ)اي اين پي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته اسان وسيلن ۽ ٻارن جي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين،ڪراچي سڀني جو شهر آهي، جيڪڏهن ڪا قوم چئي ته ان تي صرف اسان جو حق  آهي ٻئي ڪنهن جو ناهي ته اهو غلط هوندو،هي شهر سنڌين،بلوچن سڀني جو آهي،هن شهر مان ڪا به قوم ختم نٿي ٿي سگهي،ڪراچي ۾باچا خان بابا جي 37هين ۽ رهبر تحريڪ خان عبدالولي خان جي 19هين ورسي جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته باچا خان عدم تشدد جو فلسفو ڏنو جنهن تي اسان اڄ به ڪاربند آهيون،ولي خان جي تاريخ آزاد آهي، ان تي ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪندا آهن،هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي دوستاڻي گذارش آهي ته پختونن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکن، اڄ تائين هر چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي،هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت نالي ڪا شئي ناهي،ڪي پي ۾ 90 سيڪڙو مينڊيٽ ڏئي قومي اسيمبلي ۾ ڪمپرومائزڊ اپوزيشن بڻائي وئي،ڇا اڄ توهان وٽ ووٽ جو اختيار آهي،هن چيو ته اسان پنهنجي سرن جون قربانيون ڏئي امن جو نعرو ڏنو آهي، اسان لاش کنيا آهن، اسان مان ڪو اميد نه رکي ته اسان جمهوريت خلاف وينداسين،هن ڀيري عوام جي مينڊيٽ  کي وڪرو ڪري ماڻهن کي اسيمبلين ۾ ويهاريو ويوحڪومت مان اميد ناهي ته اهي آزاد هوندا ڇو ته انهن کي حڪومت ”ملي“ آهي،اسان هن مشڪل ۾ تاريخي طور تي ظالم ۽ جابر خلاف قوم سان گڏ بيٺل آهيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.