حيدرآباد(رپورٽر) سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن، قومپرستن ۽ آبادگارن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون بااثر ماڻهن ۽ ڪمپنين کي ڏيڻ وارن منصوبن کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو پاڪستان دشمن آهي، ملڪ اڳ ئي معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻيءَ جهڙي حساس معاملي سان هٿ چراند ڪري سنڌ سان ناانصافي ڪرڻ فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي. پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جيڪڏهن سنڌ جي عوام جي ڳالهه نه ٻڌي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين حڪمرانن جو سنڌ ۾ هلڻ ڏکيو ٿي پوندو، عوام سنڌو درياهه ۽ پنهنجي جياپي جي لاءِ سخت مزاحمت ڪندو، حڪمران ٻٽي پاليسي کان پاسو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه جماعت اسلامي سنڌ پاران حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ “سنڌو درياهه ۽ زراعت سنڌ جي جياپي جو ذريعو، درپيش خطرا ۽ حل” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ واپارين، وڪيلن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته پاڻي سنڌ جي جياپي ۽ زندگي جو معاملو آهي. سنڌ اڳ ئي بنجر آهي. 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌو درياهه جي پاڻي واري معاملي ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي ٻٽي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. هڪ طرف پ پ سنڌ اسيمبلي مان ارسا ايڪٽ خلاف قراردادون پاس ڪري ٿي ته ٻئي طرف ان ئي پارٽي جو سربراهه ۽ ملڪ جو صدر ايوان صدر ۾ ويهي ارسا ايڪٽ، ڪارپوريٽ فارفنگ ۽ ڪئنالن جي منصوبن تي صحيحون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، ٻٽي مڪاني نظام ۽ ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺي هئي ۽ ڪئنالن جي اڏاوت خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ اسان ڀرپور حصو وٺي رهيا آهيون. اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال قبول نه ڪنداسين، سنڌو درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي، ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ناهي. شهرن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي. هن چيو ته سسٽم ۾ پاڻي ناهي ته پوءِ ڪئنال ٺاهي واهڻ جي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟.سنڌ جو عوام سندن ووٽن تي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ سياستدانن، ڀوتارن ۽ ظالم سردارن مان جان ڇڏائي، سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ کان وٺي زراعت جي لاءِ پاڻي موجود ناهي. شهرن جي صرف ڪجهه ڏينهن پاڻي جي سپلائي بند ٿئي ٿي ته صورتحال خراب ٿيو وڃي، پر جڏهن سڄي سنڌ جي پاڻي سپلائي بند ٿي وئي ته سوچيو صورتحال ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هاڻوڪن رٿيل ڪئنالن کان اڳ به جيڪي فلڊ ڪئنال سنڌ جي مخالفت باوجود چالاڪي سان ٺاهيا ويا اهي 12 ئي مهينا پنجاب واهي رهيو آهي. سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ وڏي چالاڪي سان وارداتون ٿينديون پيون اچن. پر هاڻ ٻن سالن کان سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي جي لاءِ کلي ڇوٽ سان رٿابندي جاري آهي. هن چيو ته سمنڊ تائين گهربل مقدار ۾ مٺو پاڻي نه پهچڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي،نوان ڪئنال ٺهيا ته سڄو ايڪو سسٽم تباهه ٿي ويندو. سنڌ ۾ جر جي پاڻي جي سطح اڃا وڌيڪ ڪري هيٺ هلي ويندي، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي تيل، گئس، معدني وسيلا، پاڻي ۽ زمينون ٻيو گهڻو ڪجهه ويندو هليو، هن وقت سنڌ جي پاڻي مسئلي ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت ۽ طاقتور ڌريون هڪ پاسي بيٺل آهن ۽ ٻئي پاسي وري سنڌ جا 6 ڪروڙو ماڻهو آهن. ڪمپني سرڪار بندوق جي طاقت تي سنڌ سان ظلم ڪري رهي آهي. حڪمران ٻٽي پاليسي منافقاڻو رويو ڇڏي ڏين. پيپلزپارٽي ڊرامي بازي نه ڪري، جيڪڏهن سنڌو درياهه جي لاءِ هڙتال جو سڏ ڏجي ته سڄي سنڌ بند ٿيڻ گهرجي،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيپلزپارٽي جي سربراهه زرداري چالاڪي سان ڪئنالن جي منصوبن جو رستو ٺاهيو. گريٽر ٿل ڪئنال کانپوءِ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو پيو ٺاهيو وڃي. مٿان وري چولستان سميت ٻيا ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، هن چيو ته پنجاب اڳ ۾ ٺاهيل تڪرار غير قانوني ڪئنال 12 ئي مهينا واهي رهيو آهي، سنڌين کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌ ۾ به 2 ڪئنال ٺاهڻ جي ڳالهه پيا ڪن. هن چيو ته اسان کي اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي پاڻيءَ جو انڊينٽ تونسا بئراج بجاءِ گڊو بئراج کان شروع ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ جو هڪ ئي رستو مزاحمت آهي، ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ سکر کان هيٺ پاڻي نه ويندو. سنڌ موت جي وادي بڻجي ويندي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ هي ڏيڍ ڪروڙ زمين آباد ڪرڻ وڃن پيا. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سردار عبدالرحيم چيو ته پير پاڳاري واضع اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي پاڻي ۽ حقن جي لاءِ آخري حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آهيون، سنڌو درياهه نه رهيو ته سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ماحوليات سڀ ڪجهه برباد ٿي ويندو. جماعت اسلامي جي اڳوڻي نائب امير ۽ ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي زمينون بنجر آهن. سنڌ کي بنجر ڪري چولستان کي آباد ڪرڻ پاڪستان سان ڪا چڱائي ناهي،اسان سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهيون. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ جون سموريون سياسي جماعتون سنڌ جي مسئلن تي چٽو موقف رکي رهيون آهن. سنڌو درياهه جي تحفظ واري معاملي تي سياسي ۽ مذهبي جماعتون گڏجي جدوجهد ڪري رهيون آهن، پنجاب سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي زمين تي ائين قبضو پيو ڪري جيئن اسرائيل فلسطين جي سرزمين تي قبضو ڪيو هو. قومي عوامي تحريڪ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنالن وارو منصوبو انتهائي خطرناڪ آهي. هي منصوبو پاڪستان جي وجود جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ سان ظلم ۽ جبر شروع ٿيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. جميعت علماءِ اسلام نوراني جي صدر مولانا ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير چيو ته پاڻي زندگي آهي. پاڻي روڪيو ويو ته جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو. پاڻي جي مسئلي تي سمورين جماعتن کي مضبوط ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ خاوند بخش جهيجو چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهي. اسان هر احتجاج ۽ ڌرڻي ۾ شامل ٿينداسين. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته سنڌو درياهه مٿان رٿل ڪئنالن مان ابتدائي طور تي 66 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي رٿا آهي. سسٽم ۾ پاڻي موجود ناهي، ڪئنالن جي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو، ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو ته هي ملڪ اڳ ئي سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي. حالتون انتهائي گهڻيون خراب آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري مشڪري شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي جاهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري هي ڪارپوريٽ فارمنگ جو فارمولو کڻي آيا آهن، پر ڪارپوريٽ فارمنگ جو فارمولو ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي،سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمد اسلم مري چيو ته سنڌ 91ع واري پاڻي ٺاهه کي به تسليم نه ڪيو هو، هي رڳو 6 ڪئنال نه پيا ٺهن پر هي لنڪ ڪئنالن جي ري ماڊلنگ ڪري انهن جي پاڻي جي گنجائش کي وڌائيندا،آبادگار بورڊ جي اڳواڻ نديم شاهه چيو ته سنڌ سان رڳو پاڻي جي معاملي ۾ ناانصافي نه پئي ٿئي پر گئس جي معاملي ۾ به وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي (ق) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مظهر الحق چوڌري چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهيون، افضل گجر چيو ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ناانصافي نه ڪئي وڃي،گروڙ شريف درگاهه جي گادي نشين عبدالله شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي رت ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي هلي ٿو. ان ڪري سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه خاطر هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن. علماءِ مشائخ تنظيم جي اڳواڻ مير عمران شاهه نقشبندي چيو ته قانوني، شرعي ۽ قدرتي نظام تحت سنڌو درياهه کي وهڻ ڏنو وڃي، شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻ معظم شاهه جهانيان چيو ته اسان فروعوني ذهنيت جي ظلم جو شڪار آهيون، 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو حڪم به انهن ذهنن جو ڏنل آهي. ان ڪري اسان کي جدوجهد جي ميدان ۾ ثابت قدمي سان بيهڻو پوندو. هندو ڪائونسل جي صدر جئه ڪمار چيو ته سنڌ اندر هارين ۾ هندو برادري جي ماڻهن جو وڏو انگ شامل آهي. سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو پاڻي تي گذر ڪن ٿا. جيڪڏهن پاڻي نه هوندو ته سنڌ ۾ ڪجهه به نه بچندو.
حيدرآباد: ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ناقابل عمل قرار ڏئي بند ڪيو وڃي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ڊيلٽا کي ٻيهر جيارڻ ۽ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ گهربل مقدار ۾ عالمي ماهرن جي تجويزن جي روشني ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي. پيپلزپارٽي جيڪڏهن سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي ماڻهن جي پاسي ٿي بيٺل آهي ته بنا دير ڪئنالن واري منصوبي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن خلاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ قرارداد پيش ڪري منظور ڪرائي. ڪانفرنس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون بااثر ماڻهن ۽ ڪمپنين کي ڏيڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته اهي زمينون غريب هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهايون وڃن.