ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف عوام سراپا احتجاج،تاريخي هڙتال

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ ممتاز سنڌي+عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ امن و امان جي بحالي ۽ ڌاڙيلن کي ڀتو نه ملڻ تان نوجوان انيش ڪمار کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري معاملي تي آل پارٽيز موومينٽ ۽ ڪنڌڪوٽ  شهري اتحاد جي سڏ تي هڙتال ڪئي وئي، شهر جي گهنٽاگهر چوڪ.ڊي سي روڊ،صرافا بازار،ڪشمور روڊ،مين بازار شاهي بازار جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند پيل رهيا، جڏهن وڏي تعداد ۾ هندو برادري شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي،”ٻيو ڪجهه نه کپي صرف امن کپي امن کپي“ جا زوردار نعرا هنيا ويا، اڳواڻن ڊسٽرڪٽ  بار صدر عبدالغني بجاراڻي،ظريت بجاراڻي،اشوڪ ڪمار،والي ڏنو سنڌي،جمال الدين اوڳاهي،سجاد بروهي،حاجي حضور بخش مغل، دلمراد ڏاھاڻي،غلام مصطفيٰ ميراڻي،ڪامريڊ عباس، فدا حسين محمداڻي، عزيز سومرو، شعبان جکراڻي، شاھنواز مرھٽو، اصغر شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ڏوهارين هندو واپاري ديوان لال جي دڪان تي فائرنگ ڪري ڪراچي کان آيل نوجوان انيش ڪمار کي سخت زخمي ڪيو ،ڀتو نه ڏيڻ تان زخمي نوجوان زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي بيٺل آهي.شهر ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،هندو برادري تيزي سان ڪنڌڪوٽ مان لڏپلاڻ ڪري وڃن پيا ۽ ٻئي طرف ڏوهارين جون ڪهري ڪاروايون به جاري آهن.پوليس خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي 2 سالن دوران ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيترائي ايس ايس پي آيا بدلي ٿي ويا پر ڪو به ايس ايس پي امن و امان بحال نه ڪرائي سگهيو.هنن جو چوڻ هو ته ڏوهاري آساني سان شهر جي مصروف ڪاروباري مرڪزن ۾ اچي شهرين ڪاروباري ماڻهن مٿان گوليون هلائي فرار ٿين ٿا پر اهي هٿياربند پوليس جي گرفت ۾ نه ٿا اچن ۽ شهر مان آساني لنگهه ملي ٿا وڃن هنن جو چوڻ هو ته ڏوهارين سان مقامي پوليس اهلڪار ملوث آهن جنهن ڪري ڏوهاري پوليس جي گرفت ۾ نه پيا اچن هنن چيو ته گذريل ڏينهن انيش ڪمار مٿان حملو ٿيو ان وقت ڪوبه پوليس اهلڪار مقرر نه هو جاچ ڪئي وڃي ته هو ڪٿي هئا ۽ انهن جا موبائيل فون چيڪ ڪيا وڃن.هنن جو چوڻ هو ته اسان کي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ امن و امان مهيا ڪري ڏنو وڃي

  1. زخمي انيش ڪمار ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل

ڪنڌڪوٽ:ڀتو نه ملڻ تان هٿياربندن پاران زخمي ڪيل نوجوان انيش ڪمار معاملو!ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ  زبير نظير شيخ ۽ رينجرز ڪرنل هندو برادري جي چڱي مڙس سيٺ نند لال وٽ پهتا، ايس ايس پي انيش ڪمار کي زخمي ڪندڙ هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،هوڏانهن نوجوان انيش ڪمار کي ضلعي انتظاميا پاران ڪوششون وٺي سنڌ حڪومت جي مدد سان ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امير فضل اويسي ٻڌايو ته گذريل رات کان انيش ڪمار جي وارثن سان رابطي ۾ آهيان. اسين ڀرپور ڪوشش ۾ آهيون انيش ڪمار کي بهتر علاج بروقت ملي سگهي ان جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.

  1. بدامني سبب ڪنڌڪوٽ مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري

ڪنڌ ڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني عروج تي آهي جنهن ڪري وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ ٿي رھي آهي ڏوھارين جا مختلف گينگز دڪاندارن،واپارين سميت ھاڻي وٽن نوڪري ڪندڙ مزدورن کي به ڀتو ڏيڻ لاءِ ڪالون ڪن پيا جنهن ڪري ھر طرف خوف جو ماحول بڻيل آهي انھي خوف مان نڪرڻ لاءِ واپاري لڏو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور  ٿي ويو آهي.

  1. مڙس ٿي منهن ڏينداسين،هڪ رپيو به ڀتو نه ڏينداسين : واپاري

ڪنڌڪوٽ:ڪاروباري ماڻهو اشوڪ ڪمار جو چوڻ هو ته مرد ٿي منهن ڏينداسين هڪ روپيو به ڏوهارين کي ڀتو نه ڏينداسين ڀلي ڏوهاري اسان کي گوليون هڻي اسان کي قتل ڪن پر اسان پنهنجو حلال جو پورهيو ڏوهارين کي ڏئي حرام نه ڪنداسين هن چيو ته اسان کي اها خبر آهي ته  ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جون حالتون بدامني واريون عارضي آهن ڪڏهن نه ڪڏهن ته امن جو سج اڀرندو، انهن ڏوهارين جو خاتمو ٿيندو، ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ امن جو گهر ٿيندو.

  1. ڏوهارين پاران واپارين کي ڀتي جي چٺين جو سلسلو جاري

ڪنڌ ڪوٽ :ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڏوھاري گينگز پاران ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي چانهھ جي ڊيلر کي ڏوھاري گينگ ڀتي لاءِ چٺي ۽ گوليون موڪليون آهن جيڪي دڪان جي در تي مليون دڪاندار کي پٽ اغوا ڪرڻ يا مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

  1. سنڌ واسي بدامني ۽ لاقانونيت جو شڪار آهن:رياض چانڊيو

حيدرآباد(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي، سلطان دل، ڪمال مهر گڏيل بيان ۾  چيو آھي ته سنڌ  جا ماڻھو گذريل 50 سالن کان هٿرادو طور تي بدامني ۽ لاقانونيت جو شڪار ٿيل آھن، ڌاڙيل راڄ، دهشتگردي، منشيات گردي ۽ رشوت گردي عروج تي آھي سرڪار وٽ سنڌ جي معيشت ۽ وسيلا لُٽڻ لاءِ اهو هٿيار آھي ته هو ڌاڙيل انڊسٽري ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي خوفزده ڪري ٿي ،ڳوٺن ۾ راڄن برادرين  قبيلائي نالن سان اتان جو امن امان يرغمال ڪرايو ويو آھي،هنن چيو ته  سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ پوليس مفلوج آھي  سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي اها آھي ته نه هو ڌاڙيل روڪي ٿي سگهي نه امن امان بحال ڪري ٿي سنڌ جا ماڻھو گهرن ڳوٺن شھر ۽ روڊن تي محفوظ ناهن رينجرس جيڪا امن امان جي نالي تي سنڌ ۾ ويٺي آھي 40 سالن کان کربين  روپيا بجيٽ کائي ٿي ان به سنڌ جي ماڻھن کي امن امان ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪيو

  1. سڪرنڊ جي واپاري کان ڀتو گهرڻ خلاف احتجاج جو اعلان

سڪرنڊ(ن ع آ )سڪرنڊ جي ڪاروباري شخصيت ديوان آسن داس کان ڌاڙيلن پاران ڀتو گهرڻ ۽ مليل خوفناڪ ڌمڪين کان پوءِ سڪرنڊ شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافتي ادارن جي اڳواڻن ملاقات ڪئي، هر وقت ۽ هر طرح جو ساٿ ڏيڻ جو وچن، ملاقات دوران گڏيل سهڪار سان  جلد ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،ان موقعي تي شهري اتحاد جي صدر احسان شاهه، اڳوڻي يوسي ناظم عبدالخالق مگسي،سيٺ عبدالغفار راجپوت،سونارا تنظيم جو اڳواڻ حاجي محرم سونارو ۽ ٻين چيو ته سڪرنڊ جا ديوان اسان جا ڀائر آهن هو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن. اسان هر طرح جو ساٿ ۽ سهڪار انهن سان آهي. هنن چيو ته ڌاڙيلن جو ڪو مذھب ناهي، هو انسانيت جا ويري آهن جن جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. جنهن بعد صلاح مشورن کانپوءِ اهوطئي ٿيو ته جلد ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. جنهن بعد سڀني گڏجي ڊي ايس پي سڪرنڊ يار محمد ڦلپوٽو سان ملاقات ڪئي ۽ اپ ڊيٽس ورتا ۽ فوري تحرڪ وٺي ڏوهارين خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جي گهر ڪئي.

  1. ڌاڙيلن وٽ قيد چئن سالن جي رافع جي امڙ صدمي ۾ بي حال

ڪنڌ ڪوٽ: ڪنڌ ڪوٽ شھر جي ملڪ پاڙي واسي راحب ملڪ جو معصوم پٽ چار ورھين جو محمد رافع ملڪ جي اغوا ٿيڻ کي ڪافي ڏينهن گذري ويا پر پوليس معصوم جو اڃا تائين پتو به نه لڳائي سگھي آهي سندس گھر ۾ روڄ لاڙو متل آهي معصوم جي امڙ ڪينسر جي بيماري  ۾ ورتل آهي پٽ جي صدمي ۾ بي حال ٿي وئي آهي، معصوم جو والد به ڊپريشن سبب بي حال ٿيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.