ٻه سفارتخانا اسٽيبلشمنٽ مخالف ماڻهن تي ”مهربان“؟

لاهور(معظم فخر) اسلام آباد جي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ٻن يورپي ملڪن جي سفارتخانن جون سرگرميون مشڪوڪ قرار ڏنيون ويون آهن. اتي تمام گهڻي هلچل ڏٺي وئي آهي ۽ اسٽيبلشمنٽ مخالف سوچ رکندڙ ماڻهن کي گهرايو پيو وڃپي. ان سان گڏ اهڙن سوشل ميڊيا  يو ٽيوبرز کي به گهرايو پيو وڃي جيڪي رياست  توڙي اسٽيبلشمنٽ ۽ ان سان جڙيل ماڻهن خلاف سنگين الزام تراشي ڪندا رهن ٿا ٻئي پاسي آمريڪا ۾ آرمي چيف جي مدي جي حوالي سان ٿيل قانونسازي تي سوال اٿاريا پيا وڃن ان سان گڏ آرمي  چيف جنرل عاصم منير جي ذهني صحت تي پڻ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ ان جا ڪرتا ڌرتا پي ٽي آئي سوشل ميڊيا ٽيم جا ماڻهو آهن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻه اهڙيون پوسٽون پي ٽي آئي پاران شيئر ڪيون ويون جيڪي رياست مٿان حملي برابر آهن. ڪجه ڏينهن اڳ وجاهت ايس ۽ معيد پيرزادي هيئرنگ جي نالي تي آمريڪا ۾ ڊرامو ڪيو ۽ باور رڪايو ته رياست پاڪستان ۾ فوج هزارين ماڻهن کي غائب ڪري ڇڏيو آهي هڪ سيمينا رکي شهباز گل ۽ معيد پيرزادا خطاب ڪيو ۽ آرمي چيف ۽ فوج مٿان تنقيد ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.