سانگهڙ لڳ جهيڙي دوران 3 ڄڻا قتل، 12 زخمي، لاش رکي ڌرڻو

سانگهڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگھڙ جي علائقي چوٽيارين ۾ خوني جهيڙو، سڌي فائرنگ ٿيڻ ڪري  3 ڄڻا مارجي ويا. 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته چوٽيارين جي علائقي جاني جوڻيجو ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فصل جي ڀيل ڪرڻ ۽ فصل کي نقصان پهچائڻ تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ جوڻيجا برادري جا 3 ڄڻا مشتاق علي. علي بخش ۽ عبدالستار جوڻيجو موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ 12 ڄڻا شديد  زخمي ٿي پيا. اهڙو اطلاع ملندي ئي چوٽياريون ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙو ختم ڪرائي فائرنگ بند ڪرائي. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ  ۽ ڪجهه زخمين جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري کين نوابشاھ اسپتال نيو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ تي موجود آھي ۽ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙي واقعي کان پوءِ چوٽياريون شهر بند ٿي ويو. شهر ۾ خوف پکڙجي ويو. جڏهن ته متاثر ڌر ٽنهي فوتين جا لاش رکي سانگهڙ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا. مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏنيون. متاثر ڌر جو چوڻ آهي ته مقامي ايم اين اي جي چرچ تي مخالف ڌر حملو ڪري ماڻهو ماريا آهن. سندن  مطالبو هو ته جيستائين ايم اين اي ۽ حملو ڪندڙ قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي سندن ڌرڻو جاري رهندو. ڌرڻو رات دير تائين جاري هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.