مٽياري (ن ع آ )پيپلزپارٽي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته سانگهڙ جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل ۽ زخمين جو تعلق سروري جماعت سان آهي، پيپلزپارٽي چيئرمين فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي، مريدن کي انصاف فراهم ڪرائي، هن چيو ته قاتل ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن انهن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي، معصوم ماڻهن تي ظلم ڪري سانگهڙ شهر جي ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.