سانگهڙ واقعي جو شازيه مري نوٽيس ورتو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيه مري سانگهڙ ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قتل ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پيپلز پارٽي جي ترجمان چيو ته بيگناهه ماڻهن جي قتل تي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي.هن چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪري اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قتل ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪيو وڃي.شازيه مري چيو ته قتل ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جوابدار قانون جي گرفت کان ٻاهر نه ويندا، امن امان برقرار رکيو ويندو.هن چيو ته سانگهڙ واقعي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين کي انصاف فراهم ڪيو ويندو. بااثر ماڻهن ڏاڍائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.