اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو خميس تي محفوظ ڪيو هو. سپريم ڪورٽ ۾ بينچن جي اختيارن جو ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي وئي. بينچن جي اختيار واري ڪيس ۾ فل ڪورٽ جي قيام تي به عدالت دليل طلب ڪيا هئا. ايڊيشنل رجسٽرار شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جي استدعا رکي آهي، شوڪاز خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل به لارجر بينچ ۾ اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي.