سڪرنڊ (ن ع آ ) سج لٿي مهل سڪرنڊ لڳ فارم اسٽاپ وٽ ڳوٺ محمود ڪيريو واسي نوجوان اعجاز عمراڻي ولد حاجي ابراهيم کي ڳوٺ ويندي اڳ ئي تاڙ ۾ويٺل هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو پوليس ۽ مقامي ماڻھن جي اطلاع تي همدرد فري ايمبولينس سروس جي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو جتي ڊاڪٽرن ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪو همدرد پاران ڳوٺ پهچايو ويو اسپتال ۾ موجود مقتول اعجاز عمراڻي جي ڀاءَ وارث احمد عمراڻي الزام لڳايو آهي ته موٽر سائيڪل تي سڪرنڊ کان ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته اسان جي برادريءَ جي ماڻهن شاهنواز ۽ شير عمراڻي فائرنگ ڪئي جنهن سبب منهنجو ڀاءُ ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، ٻئي پاسي پوليس ذريعن موجب قتل جو ڪارڻ پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي پر ان جي باوجود پيرائتي جاچ ڪري رهيا آهيون.