يونيورسٽين ۾ وڌيڪ ٻه ڏينهن بائيڪاٽ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر)فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئشنز فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي سمورن /ڏ سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليمي سرگرميون وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ معطل رهنديون.فپوواسا جي آن لائين اجلاس ۾ سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ جاري بحران جو سڌو سنئون ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت جي غير سنجيدگي ۽ مغرور رويي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڱاري 28 جنوري تي سنڌ جي سمورن سرڪاري يونيورسٽين جي استادن جون تنظيمون فپوواسا سنڌ شاخ جي بينر هيٺ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڀرپور احتجاج ڪنديون، فپواسا سنڌ برانچ ٻين تنظيمن جهڙوڪ سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسي ايشن، ڪراچي بار ايسوسي ايشن ۽ سول سوسائٽي جي گروپن کي پڻ دعوت ڏيندي احتجاج ۾ شرڪت جي لاءِ ٽيچنگ ڪميونٽي جي مطالبن جي حمايت ڪندي. فپوواسا سنڌ برانچ فيصلو ڪيو آهي ته فپو واسا پاڪستان جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي درخواست ڪئي ويندي ته اهي سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ پنهنجي اجلاس ۽ پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران کي اجاگر ڪن.اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت جي لاپرواهي ۽ اشتعال انگيز روئي سبب استاد تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. تدريسي برادري بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اهڙن فيصلن سان تعليمي معيار ۽ ادارن جي خودمختياري کي نقصان رسي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.